خانيوال/ڪچا کوھ ( پريس رليز) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف پنجاب جا هاري، مزدور، عورتون، شاگرد، سياسي، سماجي تنظيمون ۽ ڪارڪن جاڳي اٿيا. پنجاب جي علائقي خانيوال لڳ ڪچا کوھ ۾ پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي ۽ انجمن مزارعين پنجاب جي ميزباني هيٺ "ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف ڪسان ڪانفرنس” ٿي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن، هارين، مزدورن ، شاگردن، سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. هارين جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪسان رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ ۽ حقوق خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق چيو ته اسان سر ڪٽائي سگهون ٿا پر پنهنجو زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنيءَ کي ڏيڻ نه ڏينداسين. اسان ڪالاباغ ڊيم جي به مخالفت ڪئي ۽ ڪئنالن جي مخالفت ڪريون ٿا. سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائينداسين.عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار خطاب ڪندي چيو ته هر دور ۾ ڊڪٽيٽرن قومن جي وسيلن کي نيلام ڪيو آهي. جنرل ايوب خان ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس هندوستان کي پئسن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا ۽ هاڻي وري سنڌ، سرائيڪي وسيب، پنجاب، خيبرپختونخواه، بلوچستان، گلگت بلتستان جون لکين ايڪڙ زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ قراردادون آڻڻ بدران انويسٽمينٽ بورڊ 2023ع جو ڪارو قانون فوري طور تي واپس ورتو وڃي، هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ٺٽي، سجاول، بدين جي سامونڊي پٽي جي 40 لک کان وڌيڪ زمين سمنڊ پائي ويو آهي. هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ کي منظم ڪنداسين. مزدور ڪسان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل تيمور الرحمان چيو ته پنجاب جي مزدورن سگهاريون جدوجهدن ڪيون آهن. هن ظلم خلاف دمادم مست قلندر ڪنداسين. ڪسان ڪانفرنس کي صدر انجمن مزارعين پنجاب جي صدر مهر غلام عباس، مزدور قومي اتحاد جي بابا لطيف انصاري، آل پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ڪامريڊ گلزار، بلوچستان جي مزدور اڳواڻ مزمل ڪاڪڙ، ڪسان بورڊ پاڪستان جي سربراهه ظفر حسين ايڊووڪيٽ، مزدور ڪسان پارٽي جي ڪامريڊ عرفان علي، آل پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ڪامريڊ روبينا جميل، حقوق خلق پارٽي جي اڳواڻ رفعت مقصود، انجمن مزارعين پنجاب جي اخلاق احمد ۽ ٻين خطاب ڪيو.