ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير ضياءُ الحسن ڊمپر حادثن تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊمپرن جي حادثن ۾ ملوث ڊرائيورن کي گرفتار ڪرڻ جا واضح حڪم ڏنا ويا آهن.
پنهنجي بيان ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ڪنهن به شخص کي ڊمپرز يا وڏيون گاڏيون ساڙڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جيڪو به شهر جو امن امان خراب ڪرڻ يا دهشت ڦهلائڻ ۾ ملوث هوندو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو.
هن چيو ته پوليس کي گاڏيون ساڙيندڙن جي گرفتاريءَ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سهراب ڳوٺ واري احتجاج بابت به پوليس کي ضروري هدايتون ڏنيون ويون آهن.
واضح رهي ته نارٿ ڪراچي ۾ پاور هائوس چورنگي ويجهو ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار زخمي ٿي پيو، جنهن کانپوءِ مڇريل ماڻهن ستن ڊمپرن کي باهه ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، چئن ڊمپرن کي ناگن چورنگي ۽ ٽن کي فور ڪي چورنگي ويجهو ساڙيو ويو، جڏهن ته فائر ٽينڊرز جي مدد سان باهه تي ضابطو آندو ويو.
You might also like