واپاري جنگ: چين، آمريڪا کي خبردار ڪري ڇڏيو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين واڌو ٽيڪس واري معاملي تي آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن پنهنجي هوڏ تي قائم رهيو ته آخري حد تائين وڙهنداسين.
چيني واپار واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، چين جي پرڏيهي واپار سان لاڳاپيل چئلينجز ۾ واڌارو ٿيو آهي، پر چين جي پرڏيهي تجارت جي صلاحيت ۾ ڪا به گهٽتائي نه آئي آهي، چين پنهنجي ذميوارين کي ثابت قدميءَ سان نڀائيندو ۽ غير يقيني صورتحال خلاف اثرائتا قدم کڻندو. چيني واپار واري وزارت جي ترجمان چيو ته چين پرڏيهي واپار، خطرن ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو، چين جو موقف واضح ۽ مستقل آهي ته ڳالهين جا رستا کليل آهن، پر ڳالهه ٻولهه گڏيل احترام ۽ برابري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي، بليڪ ميلنگ، دٻاءُ ۽ ڌمڪيون چين سان مقابلي جو صحيح طريقو ناهي.
ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي روش نه بدلي ته چين آخري حد تائين وڙهندو ۽ تجارتي جنگ ۾ ڪو به فاتح ناهي هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.