ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جميز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 7800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 28 هزار 800 رپين جي ٿي ويو.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون 6688 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 81 هزار 839 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.