نوشھرو فيروز ۾ مھر ڊٻائي جي اڳواڻي ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج

نوشهروفيروز(رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو)  نوشھرو فيروز ۾ سنڌو مٿان غير قانوني ڪئنالن خلاف سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي چيئرمين مھر ڊٻائي، رياض کيمٽيو، حق پلھه، زينب پيرزادو، لالا آصف وسطڙو، مھتاب سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پبلڪ پارڪ کان الله والا چوڪ تائين پيادل ريلي ڪڍي وئي، جنھن ۾ وڏي تعداد ۾ قومپرست ڌرين جي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق پنھنجي ضد تي قائم آھي، سنڌي قوم کي مجبورن جنگي حالت ۾ اڇلايو ويو آھي، ان جي باوجود سنڌي قوم جمھوريت جي انداز ۾ گھر ڪري ٿي ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو قبول ناھي، پنجاب سنڌو درياهه تي زبردستي ڪئنال ٺاھڻ چاھي ٿو، جنھن سان سنڌ بنجر ٿي ويندي، ھنن وفاق کان مطالبو ڪيو ته وفاق سنڌ جي ماڻھن سان زيادتيون بند ڪري، زبردستي ڪئنال ٺاھيا ويا ته پنجاب ويندڙ سمورا روڊ بند ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.