اسٽيل مل جا ادارا سنڀالڻ جو اعلان، مل بند ڪرڻ تي ڳڻتي آهي: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڪستان اسٽيل ملز جي انتظاميه ۽ ٽريڊ يونين جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي اعلان ڪيو ته سندس حڪومت اسٽيل ملز سان لاڳاپيل اسپتالن، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي هلائڻ لاءِ انهن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺندي. هن سٽيل ٽائون ۾ پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جا حڪم پڻ جاري ڪيا. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سيد ضياءالحسن لنجار، شاهد ٿهيم، سعيد غني، وڏي وزير جو خاص مددگار وقار مهدي، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري ليبر رفيق قريشي، سي اي او وٽر بورڊ احمد صديقي، سي او او اسدالله خان، سي اي او پاڪستان اسٽيل ملز اسد اسلام مهاني، پاڪستان اسٽيل گرينڊ الائنس جو ڪنوينر شمشاد قريشي ۽ آل ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ ڌڻي بخش سمون، مرزا طارق جاويد، اڪبر ناريجو، سليم گل ۽ اڪبر ميمڻ شامل هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي ۽ ملازمن جي ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جي تصديق ڪئي. هن چيو ته مان اسٽيل مل جي ملازمن جي مسئلا حل ڪرڻ چاهيان ٿو. مراد علي شاھ اعلان ڪيو ته اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ 700 ايڪڙ زمين رکي وئي آهي ۽ ملز جي انتظاميه ۽ متعلق وزارت هينئر نئين اسٽيل پلانٽ جي تجارتي فزيبلٽي اسٽڊي ڪري رهيا آهن. هن وفاقي حڪومت جي ملز بند ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي زور ڏنو ته اسٽيل ملز ملازمن جون برطرفيون بحالي واري مقصد جي خلاف آهن. وڏي وزير چيو ته هو وزيراعظم شهباز شريف کان اپيل ڪندا ته رمضان کان اڳ برطرف ڪيل 1370 ملازمن کي بحال ڪيو وڃي ان کان علاوه 2020 کان 2021 تائين برطرف ٿيل 49 انٽرنز ۽ ماهر ورڪرن کي به ٻيهر نوڪري ڏني وڃي. هن واٽر بورڊ کي هدايت ڏني ته اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي جي فراهمي فوري بحال ڪئي وڃي ۽ چيف سيڪريٽري کي انهي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وڏي وزير اهم اعلان ڪندي چيو ته اسٽيل ٽائون جي 100 بستري واري اسپتال، اسڪولن ۽ ڪاليجن کي ٻيهر کوليو ويندو ۽ هن کي سنڌ حڪومت هلائيندي. هن چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ کي هدايت ڏني ته هو ان ادارن کي فوري طور تي فعال ڪرڻ کي يقيني بڻائين. يونين جي نمائندن بجلي جي وڌيڪ سروس چارجز تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. اسٽيل ملز جي سي اي او وڏي وزير کي ٻڌايو ته ملز ڪي اليڪٽرڪ کي 30 ڪروڙ رپيا بجلي جا بل ادا ڪيا جڏهن ته اسٽيل ٽائون جي رهائشن فقط 12 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا جنھن سان ملز کي نقصان ٿيو. اهو به ٻڌايو ويو ته اسٽيل ملز 60 رپيا في يونٽ جي تجارتي شرح سان بجلي خريداري ڪري رهيو آهي. وڏي وزير هدايت ڪئي ته اسٽيل ٽائون بجلي جي مسئلن کي ترجيح ڏني وڃي. مراد علي شاھ پاڪستان اسٽيل ملز جي شهيد سليم خشڪ جي خاندان لاءِ 50 لک رپيا جي مالي امداد جو اعلان ڪيو. هن هدايت ڏني ته برطرف ملازمن جن کي اڃان تائين ادائيگي نه ٿي آهي، انهن کي ملازم سمجهيو وڃي.  ساڳي وقت پاڪستان اسٽيل ملز جي سي اي او ۽ سيڪريٽري پيداوار يقين ڏنو ته هو چئن هفتن اندر وفاقي حڪومت کان منظوري وٺي معطل پگهارون ادا ڪندا. مراد علي شاھ چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان اسٽيل ملز کي ٻيهر زنده ڪرڻ چاهيون ٿا تہ ملازمن کي برطرف ڪرڻ جو ڪوبه سبب ناهي. مان هي مسئلو وزيراعظم آڏو اٿاريندس ۽ ڇهن هفتن اندر سڀ مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.