ڪراچي (رپورٽر) ميٽرڪ جي امتحانن دوران امتحاني مرڪزن تي لوڊشيڊنگ سبب شاگرد گرمي ۾ پيپر حل ڪرڻ تي مجبور آهن، جنهن ڪري سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، تفصيل موجب ميٽرڪ جي امتحانن دوران ڪراچي ۾ سخت لوڊشيڊنگ جاري آهي. مختلف امتحاني مرڪزن ۾ بجلي نه هجڻ ڪري شاگردن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، والدين ۽ استادن مطالبو ڪيو آهي ته امتحانن جي وقت ۾ بجلي فراهم ڪئي وڃي، لياري، اورنگي ۽ بن قاسم ٽائون ۾ 6 کان 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي،ڪالهه امتحاني مرڪزن جي حوالي سان، ڪي-اليڪٽرڪ جي ترجمان چيو ته ڪراچي ميٽرڪ بورڊ کان امتحاني مرڪزن جي تفصيلي فهرست ملي وئي آهي.