ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ ڊرائيورن جي ڊرگ ٽيسٽ لازمي قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ لاءِ رفتار جي حد 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ مقرر ڪئي آهي ۽ ڊرائيورن لاءِ وقفي وقفي سان منشيات جون ٽيسٽون لازمي قرار ڏنيون. وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مسئلن بابت اجلاس ٿيو. وڏي وزير چيو ته وڌندڙ ٽرئفڪ حادثن تي تمام گهڻو ڏک آهي، هن حڪم ڏنو ته هيوي ٽريفڪ هلائيندڙن جا ڊرائيونگ لائسنس چيڪ ڪيا وڃن. وڏي وزير هيوي ٽرانسپورٽ وهيڪلز، لائيٽ ٽرانسپورٽ وهيڪلز ۽ پبلڪ سروس وهيلڪز ۾ ٽريڪر ۽ ڊيش ڪيم لڳائڻ لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته هيوي ٽرانسپورٽ وهيڪلز لاءِ رفتار جي حد 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هوندي، ٽرانسپورٽ کاتو، ايڪسائيز، لائسنسنگ اٿارٽي،ٽرئفڪ پوليس ۽ نادرا کي ڳنڍيو ويندو، ۽ ٽرئفڪ قانونن جي اثرائتي عملدرآمد کي ممڪن بڻايو ويندو، ٽريفڪ انجنيئرنگ بيورو کي ٻيهر منظم ڪيو ويندو ۽ ميئر جي ماتحت رکيو ويندو. وڏي وزير هيلمٽ استعمال نه ڪندڙ ۽ 3 ماڻهو کڻي موٽرسائيڪل هلائڻ وارن خلاف ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئي.

  1. ڊمپر حادثن تي متحده نفرت جي سياست پئي ڪري:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت سنڌ خلاف ايم ڪيو ايم طرفان هڪ مهم شروع ڪئي وئي آهي، ڊمپرز جي حادثن کي بنياد بڻائي نفرت جي سياست ڪئي پئي وڃي. شرجيل ميمڻ ايم ڪيو ايم جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي،ايم ڪيو ايم ماضي ۾ به بدامني جي ذميوار رهي آهي. توهان هزارين بيگناهن کي ماريو، هزارين مائرن جي جهولين کي خالي ڪيو، مشرف دور ۾ حڪومت ايم ڪيو ايم جي هئي ان وقت جن پوليس آفيسرن ڪراچي آپريشن ۾ حصو ورتو انهن کي ڳولهي شهيد ڪيو ويو حڪومت ڪنهن به سياسي بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندي شرجيل ميمڻ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ منرلز ڪانفرنس تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اها خوشي جي ڳالهھ آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري اچي، معاشي صورتحال ڪنهن صورت بهتر ٿي رهي آهي ته ڪجھ ماڻهو پنهنجي سياسي روايت برقرار رکندي چاهين ٿا ته بدامني ۽ افراتفري پيدا ٿي اسان ڪنهن به صورت ائين نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت صحت جي بهترين سهولتون ڏئي رهي آهي، ايم ڪيو ايم جيڪڏهن سمجھي ٿي ته انهن وٽ عوامي مينڊيٽ آهي ته اسان انهن سان هر تڪ تي چونڊن وڙهڻ لاءِ تيار آهيون مان پنهنجي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندس، ايم ڪيو ايم وارا به استعيفيٰ ڏين، پوءِ خبر پئجي ويندي ته ڪير عوام جو نمائندو آهي.

  1. ڪراچي بارود جي ڍير تي آهي، چڻنگ اٿي ته باهه لڳي ويندي: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم اڳواڻن هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي بارود جي ڍير تيآهي، ڇا وفاق مسئلا حل ڪندو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته ، چڻنگ اٿي ته شهر ۾ باهه لڳي ويندي. هن چيو ته پاڻي جي وڏي ڪي فور رٿا 15 سالن کان رولڙي ۾ آهي، اختيار ۽ وسيلا عوام تائين ناهن پهتا. خالد مقبول چيو ته بي ترتيب اڏاوتون آهن، غير قانوني ڊمپرن جا مالڪ ۽ ڊرائيور غير مقامي آهن. وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته جڏهن به اسان کي فيصلا ڪرڻ جو اختيار مليو، ڪراچي ترقي ڪري رهيو هو. هر حڪومت اسان وٽ اچي ٿي ۽ واعدا ڪري ٿي. اسان حڪومت ۾ ڇو نه ويهون ؟ اسين ايندڙ حڪومت ۾ به ويهنداسين. اختيار مقامي حڪومتن ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن. ڪراچي ۾ مسئلن جو ڪارڻ  چور ۽ سپاهي جو غير مقامي هجڻ آهي .ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينئر اڳواڻ فاروق ستار چيو ته اسان جي ڪوششن جي نتيجي ۾ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي آئي.

  1. ڪراچي ۾ مختلف روٽن تي 9 سيٽرچنگچي رڪشائن تي بندش

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ مختلف روٽن تي 9 سيٽر چنگچي رڪشائن تي بندش لڳائي وئي آهي. ڊي آءِ جي ٽرئفڪ موجب ڊرگ روڊ ملينيم کان سهراب ڳوٺ تائين، حسن اسڪوائر کان ڪارساز تائين چنگچي رڪشا تي بندش هوندي.ملينيم کان نيو ٽائون، گلبائي، چندريگر روڊ تي به چنگچي رڪشائن تي بندش هوندي. پراڻين بسن، هيوي گاڏين جي چيڪنگ ٿيندي. هيلمٽ نه لڳائڻ تي موٽر سائيڪل هيلمٽ ڏيکارڻ کان پوءِ واپس ڪئي ويندي. پاڻي هاريندڙ ٽئنڪرن جي تلاشي ٿيندي. رنگين شيشن تي بندش لڳائي ويندي.

  1.  10 ۽ 12 اپريل تي ڪجهه ٿيو ته رستن تي اينداسين: ٽرانسپورٽر

 ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي ٽرانسپورٽرن اعلان ڪيو آهي ته 10 ۽ 12 اپريل تي احتجاج جي صورت  ۾ 16 اپريل تي روڊن تي نڪرندا. انهن جو چوڻ آهي ته حادثا صرف ڪراچي ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ لاهور ۽ پشاور به شامل آهن. لياقت محسود ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته حادثا صرف ڪراچي ۾ نه پر سڄي ملڪ ۾ ٿي رهيا آهن، جن ۾ لاهور ۽ پشاور به شامل آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو فساد ٿي رهيو آهي اهو ڪٿي به نه ٿي رهيو آهي. هڪ ڊمپر جي قيمت 30 کان 35 ملين آهي. هڪ ماڻهو جيڪو پئسا ڪمائڻ لاءِ ايتري محنت ڪندو آهي، اهو ڪٿي منشيات جو عادي ٿيندو؟ لياقت محسود وڌيڪ چيو ته اسان حادثن کان پوءِ 400 ماڻهن کي معاوضو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.