ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جي سڌي چونڊ واري ڪيس ۾سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ 4 نومبر تي ميئر جي سڌي چونڊ خلاف داخل درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو هو، درخواستگذار چيو ته جڏهن مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ميئر بڻايو ويو ته هو عوام پاران چونڊيل نه هو، درخواستگذار جي وڪيل طارق منصور جو چوڻ هو ته 15 جون 2024 تي مرتضيٰ وهاب کي ميئر بڻائڻ غير آئيني هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 4 نومبر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي.
-
ڪراچي ۾ رهائشي پلاٽ کي ڪمرشل طور استعمال ڪرڻ تي ڌرين کي نوٽيس جاري
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي بلڊنگ اينڊ ٽائون پلاننگ ريگيوليشن جي ترميم جي خلاف ڪلفٽن جي رهواسين جي رهائشي پلاٽ تي ڪمرشل جي طور تي استعمال ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ايس بي سي اي،ڪي ڊي اي ،ڪي ايم سي ،سيپا،ماسٽرپلان سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 22اپريل تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي ترميم جي تحت رفاهي پلاٽ، ڪمرشل پلاٽ ۽ رهائشي پلاٽ جي تعريف طئي ڪئي وئي آهي، ترميم جي تحت رهائشي پلاٽ کي ڪمرشل طور استعمال ڪري سگهجي ٿو . درخواستگذارن جو چوڻ آهي ته هي ترميم سنڌبلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي آرڊننس ۽ سيپاايڪٽ جي خلاف ورزي آهي، ايس بي سي اي پنهنجي اختيارن کان تجاوز ڪئي آهي، هن ترميم کي غيرقانوني قرار ڏني ڪالعدم ڪيو وڃي .