ملير( ڊ ر) پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ملازمن بحالي ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ سراپا احتجاج بڻجي ويا. ملازم بن قاسم ريلوي ٽريڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڌرڻو هنيوآهي، جنهن سبب ڪراچي کان سڄي ملڪ ڏانهن ٽرين سروس معطل ٿي وئي آهي. مظاهرين جو مطالبو آهي ته 6 هزار ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، اسٽيل ٽائون ۾ بجلي ۽ گيس بحال ڪئي وڃي. ڊي ايس ريلويز ڪراچي، ناصر خليلي مطابق، منجهند 12:30 کان اسٽيل مل ملازمن ٽريڪ بند ڪيو آهي ۽ احتجاج جي ڪري ٽرين آپريشن معطل آهي. هن چيو ته ڊائون ٽريڪ تي ملت، گرين لائين، ڪراچي ايڪسپريس ۽ شاه حسين ٽرين رڪيل آهن، جڏهن ته اپ ٽريڪ تي رحمان بابا، علامه اقبال ايڪسپريس ۽ قراقرم ايڪسپريس رڪيل آهن. رات دير تائين ڌرڻو جاري هو.