ڪئنالن خلاف جسقم پاران 20 اپريل تي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان

رتوديرو(عوامي آواز نيوز) رتوديرو ۾ سنڌ جي عاشق ، جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي،جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي امجد مهيسر ،مومن سمون ،ديدار شام،ڏاڏو اطهر سومرو ،اشرف ڪلهوڙو ،عزيز شيخ ۽ ڪارڪنن سان گڏ مزار تي پهچي گلن جون چادرون چاڙهيون ويون جلسي گاه ۾ پهتل ماڻهن پاران سنڌو درياء مان اڏجندڙ تڪراري ڪئنالن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته اڄ سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 13 هين ورسي آهي، جنهن سنڌ جي عاشق سڄي عمر سنڌ ڌرتي لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري سنڌو درياھ جي پاڻي لاءِ شهيد جي جدوجهد هڪ مثالي جدوجهد رهي آهي،هن چيو ته سنڌو درياھ مٿان پنجاب ۽ وفاق پاران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مسئلو هجي، يا گريٽر ٿل ڪينال جو منصوبو هجي، شهيد اڪيلي سر سڄي سنڌ ۾ تاريخي احتجاج ڪري، سنڌ جي روڊن تي تاريخي ڌرڻا هنيا ۽ سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي گڏيل جدوجهدن جو مُک حصو رهيو، اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ ۾ 6 غير قانوني ڪينالن واري جدوجهد ۾ سنڌ کيس ياد ڪري ٿي شهيد سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، ھن چيو ته موجوده وقت ۾ سڀ وڏو مسئلو سنڌو درياھ جي پاڻي جو آهي، پنجاب ۽ وقت جا حڪمران سنڌو درياھ مٿان غير قانوني طور تي6 ڪينال ٺاهي سنڌو درياھ کي سُڪائڻ ٿا چاهين، سنڌو درياھ سنڌ جو جياپو آهي، سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به صورت ۾ سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڪينال ۽ ڊيم قبول ناهي، اڄ شهيد بشير خان قريشي جي تاريخي جلسي ۾ سنڌو درياھ تي ٺهندڙ ڪينالن خلاف سموري سياسي جدوجهد جي حمايت ڪريان ٿو ۽ سنڌو درياھ تي ٺهندڙ 6 ڪينالن خلاف 20 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ عام هڙتال جو سڏ ڏيان ٿو، جنهن کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ماڻهو کي اپيل ڪريان ٿو، جيڪڏهن حڪمران پنهجي ضد تان نه لٿا ته پوءِ 25 اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي واري قومي جلسي ۾ اهم اعلان ڪندس،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.