چين جي جوابي ٽيرف تي ٽرمپ وڌيڪ ٽيرف جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين پاران آمريڪا تي 34 سيڪڙو جوابي ٽيرف لاڳو ڪرڻ تي سخت رد عمل ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن چين واڌ واپس نه ورتي ته آمريڪا 9 اپريل کان چين تي 50 سيڪڙو واڌو ٽيرف لاڳو ڪندو. صدر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ تي بيان ۾ چيو ته چين سان رابطا ختم ڪيا ويندا، ٻين ملڪن سان ڳالهيون فوري شروع ڪيون وينديون. هن واضح ڪيو ته اڳ ۾ ئي خبردار ڪيو آهي ته ڪو به ملڪ جيڪو آمريڪا خلاف واڌو ٽيرف لاڳو ڪندو، ان کي فوري طور تي وڌيڪ ۽ سخت آمريڪي ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.