ارمغان جي پرڏيهه ۾ موجود اثاثن جو پتو لڳائڻ جي تياري

ڪراچي (رپورٽر) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان خلاف مني لانڊرنگ جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. ايف آءِ اي انٽرپول سان رابطو ڪري ارمغان لاءِ سلور نوٽيس جاري ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي. سلور نوٽيس ذريعي ارمغان جي پرڏيهه ۾ موجود اثاثن جا تفصيل حاصل ڪيا ويندا، جڏهن ته سندس بئنڪ اڪائونٽس پڻ منجمد ڪيا ويندا. پرڏيهي ملڪن ۾موجود رقم به پاڪستان واپس آڻڻ لاءِ درخواست ڏني ويندي. ذريعن موجب جيڪڏهن سلور نوٽيس جاري ٿي ويو ته ارمغان جا 193 ملڪن ۾ موجود اثاثا ٽريس ڪري سگهبا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.