وڃايل جمھوريت، حَقَ ۽ ڪئنالن خلاف تحريڪ

تحرير: محمد احسان لغاري

جڏھن کان سماج جڙيو آھي، تڏھن کان ڪنھن نه ڪنھن قسم جو سماجي تحرڪ سماج جي جسم ۾ رت جيان موجود رھيو آھي. سماجي جوڙجڪ مان ئي بادشاھتون، رياستون، جمھوريتون، ملڪ ۽ حڪومتون ڦٽي نڪتيون، رياست ۽ حڪومتن جي وھنوار سان سماجي تحريڪون ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ سلھاڙيل رھن ٿيون.

نئين سماجي تحريڪن۽ تڪراري روين جي فينا مينا (مظھرِ و فطرت واقعي) جي ھڪ اعليٰ ڏاھي سڊني ٽارو مطابق ”سماجي تحريڪون اُھي گڏيل للڪارون (چئلينجز) آھن، جن جون پاڙون گڏيل مقصدن ۽ پائيدار ٻانھن ٻيلائپ يا يڪجھتي ۾ کتل ھونديون آھن، اِھي تحريڪون (گھڻو ڪري) سگھه رکندڙ، ملڪ ھلائيندڙ  اشرافيه سان آمھون سامھون ٿي، ڳالھه ٻولھه ڪري بنيادي قسم جون تبديليون آڻڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن يا وري ڪنھن تبديليءَ جي لاءِ رستا روڪ ڪنديون آھن. دنيا جون تحقيقون اِھو پڻ ٻڌائين ٿيون ته اھنسا ۽ عدم تشدد تي ٻڌل تحريڪون وڌيڪ ڪامياب ٿيون آھن. ۽ انھن جي مڃتا ۽ پٺ ڀرائي صوبائي، ملڪي ۽ عالمي سطح ٿي آھي.

گڏيل ھندستان/ برصغير جي تاريخ پڻ ان ڳالھه جي گواھي ڏيندڙ آھي. پاڪستان جو ھڪ آزاد وطن طور دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيڻ پويان اِھائي عدم تشدد ۽ جمھوريت تي يقين وارا محرڪ ئي ھئا. ھاڻوڪي تاريخ تَحَرڪُ جنھن کي ”سنڌ، سنڌو ۽ جمھوري حقن جي بچاءُ جي تحريڪ“ ڪوٺي سگھون ٿا، ان بابت پارٽين جو ھڪ ھجڻ ۽ اڳواڻي جا سوال سامھون آيا آھن. سماجي سائنس جي علمي شعبي تحت ان بابت نظريا، تحقيق ۽ عملي گھاڙيٽا ڏنا ويندا رھيا آھن. سوشالاجي، اينٿروپالاجي، پوليٽيڪل سائنس، سياسي ۽ سماجي فلسفي جون شاخون تاريخ ۽ ابلاغي علم پڻ اھڙن سوالن سان لاڳاپيل رھيا آھن.  پاڻ ڪنھن خاص نظرياتي بحث کي کولڻ کانسواءِ سماجي تحرڪ جو جمھوري حقن سان تعلق، ان ۾ شريڪ فردن ۽ تنظيمن جو ڪردار ۽ ان لاءِ اڳواڻي جي سوال تي ڪجھه ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

جيڪڏھن سماجي تحريڪن جي پوري سٽاءُ کي ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڏسنداسين ته ان ۾ جمھوريت ڏانھن وڌندڙ رستن، ھر ڪنھن کي ووٽ جو حق، نسلي متڀيد ختم ڪرڻ، مزدورن ۽ ھارين جي حقن لاءِ جدوجھد، عورتن خلاف تشدد ۽ ڏاڍ کان وٺي، عورتن کي فيصلا سازي لاءِ بااختيار ڪرڻ،ڌرتي ڌڻين جا حق،  آزادي لاءِ جدوجھد، ٻاھرين طاقتن جي اثر جو خاتمو، اشتراڪيت ۽ سوشلزم لاءِ جدوجھد جھڙا موضوع  ملن ٿا. ستر جي ڏھاڪي ۾ ئي ماحوليات سان لاڳاپيل سماجي تحرڪ سامھون اچڻ شروع ٿا، وقت سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ، موسمي ڦيرگھير ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئي عالمي تحريڪون ۽ تنظيمون سامھون آيون. انساني بنيادي حق، مظلوم طبقن جا حق، عورت مارچ، بليڪ لائيوز ميٽر (ڪارن جون زندگيون اھم آھن) کان وٺي ”هي ٽو“ آئون پڻ تائين، يورپ ۾ مختلف ٽريڊ يونين، پگھارن جو وڌائڻ، مھانگائي، امتيازي سلوڪ، ھندستان ۾ آبادگارن جي ھلندڙ تحريڪ ان جا واضح مثال آھن. سنڌ ۾ ھاري حقدار، ون يونٽ کي ختم ڪرڻ، جمھوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ، ڪالاباغ ڊئم جي خلاف جامع تحريڪ، گريٽر ٿل ڪئنال تي پڻ ھڪ ڀرپور تحريڪ، عورتن جي حقن لاءِ تحريڪون، عورت مارچ، ثقافت کي عزت ڏيڻ ۽ بحالي جي تحريڪ جيڪا يڪدم ثقافت جي ڏھاڙي جي صورت ۾ سنڌي سماج جو حصو ٿي پئي آھي. ۽ ھاڻ تڪراري ڪئنالن خلاف باقي تحريڪن کان وڌيڪ گھري، ڦھليل ۽ وسيع ترين تحريڪ آھي، اِھا سڌي طرح نه جمھوريت جي بحالي لاءِ آھي ۽ نه ئي وري ذاتي مفادن لاءِ ان جو آساس جمھوري ۽ آئيني حق جو بچاءُ آھي!.

پاڻي زندگيءَ جو بنياد آھي، ۽ سنڌ لاءِ اھو صرف ھڪ ضرورت نه آھي بلڪه ان جي بقا، خوشحالي ۽ اقتصادي مضبوطيءَ جو ضامن به آھي۔ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جو سبب پويان ڏيڍ صدي کان ٿيندڙ اھي فيصلا آھن جنھن ۾ سنڌ کي اڻ ٻڌو ڪيو ويو آھي ، انھن فيصلن نه رڳو عام سنڌ جي تاريخي خوشحال، ماحولياتي بھتر جي  زندگيءَ کي ڇيھا رسايا آھن  پر زراعت، صحت ، سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ تي پڻ گھرا اثر وڌا آھن۔ ھاڻ سنڌ پنھنجي آئيني ۽ قانوني حقن جي گھُر ڪري رھي آھي جيڪو ھر پاڪستاني جو حق آھي۔ ھي آئين جي ٻڌل اصولن تي جمھوري پاسداري جي تحريڪ آھي. ھيءَ تحرڪ ٻڌائي ٿي ته ”اقتدار ڌڻي آئين، قانون کان مٿاھان فيصلا نٿا ڪري سگھن“. ان پس منظر ۾، پاڻيءَ لاءِ سنڌ جي تحريڪ ھڪ اھم ۽ لازمي جدوجھد بڻجي اڀري آھي، جيڪا سنڌ جي ماڻھن جي آئيني حقن ۽ ان جي جياپي، زندگيءَ جي تسلسل سان جڙيل آھي۔

 

سنڌ  انگريزن جي دؤر کان اڄ تائين پاڻي جي پنھنجي حق ۽ حصي لاءِ لڳاتار جدوجھد ۾ آھي۔ مارشلائي دؤر ھجن، جمھوري يا ھائبرڊ ! سنڌ پاڻي لاءِ تحرڪ ۾ ساھي نه پٽي آھي ۽ نه ئي “ڀلي يا مندي” تي ويساھ ڪيو آھي! پاڻ سنڌ عام عوام جي صورت ۾، ھڪ آواز ٿي للڪاريو آھي! ھي تحريڪ سنڌ جي گڏيل ۽ آئيني للڪار آھي ۔ سنڌو درياھ، سپت سنڌو، پوري سنڌو طاس جي سنڌوءَ ۾ سمائيندڙ دريائن جو نالو به آھي ته حقيقت به ! جيڪو سنڌ جي سماجي، اقتصادي، ماحولياتي ۽ تھذيبي وجود جو بنياد آھي. ھي ڪا نعري بازي ناھي، اھا ئي حقيقت آھي۔

ھن تحريڪ جو بنيادي مقصد سنڌ جي ماڻھن کي انھن جي آئيني حقن  تحت پاڻيءَ جي منصفانڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان جي پائيدار انتظام ڪاري لاءِ آواز اٿارڻ آھي۔ اھا تحريڪ ڪنھن سياسي پارٽيءَ جي محدود يا ذاتي مفادن بابت نھ آھي، بلڪه اھا سنڌ جي مجموعي ڀلائي، ان جي صوبائي ۽ فيڊرشن جي اڪائي واري آئيني حيثيت کي تسليم ڪرڻ  ۽ عام عوام جي عزت نفس سان جڙيل آھي۔

“اھا سنڌ جي بنيادي حياتياتي ضرورت جي ڳالھه آھي؛ سنڌ جو جياپو آھي! ڪنھن به پارٽي جو اقتدار يا ڪنھن به فرد يا ماڻھن جا ذاتي مفاد سنڌ جي جياپي لاءِ ھلندڙ جدوجھد جي آڏو ڪا به معني يا اھميت نٿا رکن۔”

اسان کي سمجھڻ کپي ته ھي سماجي تحريڪ صرف پاڻيءَ جي کوٽ جي حل تائين محدود نه آھي، بلڪه اھا سنڌ ۽ پاڪستان جي ماڻھن جي حقن جي حفاظت ۽ انھن جي عزت سان زندگي گذارڻ جي ضمانت آھي۔

سياسي پارٽين جو ڪردار ان پوري تحريڪ ۾ اھم آھي۔ روشن خيال، جمھوريت پسند ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙسياسي پارٽين، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي، ليکڪن، ماھرن، صحافين، عورتن مردن ٻارڙن، فنڪارن، وڪيلن، پوري سنڌ بنا ڪنھن پارٽي يا سياسي نظريي جي فرق جي ان ۾ شامل آھي۔ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي گھاڙيٽا، ان ڏس ۾ بنيادي اھميت رکن ٿا جنھن جي ڪري سنڌ متحرڪ ٿي آھي۔ ان ڪري ھر سطح جي سياسي پارٽين جو ڪردار انتھائي اھم آھي۔

جيتوڻيڪ سياسي پارٽيون ھن تحريڪ کي پنھنجي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگھن ٿيون، پر ان جو اصل جوھر/وکر ۽ مقصد سياست کان مٿي آھي۔ سمجھڻ کپي تھ سياست کان مٿي ھئڻ وارو ڪنھن بھ مقصد يا سماج جو ڪردار پڻ سياسي آھي! ان باريڪ فرق کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. سياسي پارٽين لاءِ سنڌ جي عوام لازم/اڻٽر ڪري ڇڏيو آھي ته اھي ھن تحريڪ ۾ ھاڪاري ڪردار ادا ڪن، پاڪستاني آئين ۽ جمھوري قدرن کي مٿاھون ڪندڙ پاليسي ساز عملن جو حصو بڻجن۔ پاڪستان جي سڀن سياسي پارٽين، حڪمرانن لاءِ لازمي ٿي پيو آھي تھ ان تي سوچ ويچار ڪن ۽ پاڪستان جي عوام سان گڏ بيھن۔

پاڻيءَ جي انصاف واري ورڇ لاءِ پاڻي آواز ھاڻ سنڌ کان سواءِ ڏکڻ پنجاب، وسيب، پنجاب جي روشن خيال سياسي ۽ سماجي سٿ، پاڻي جي ماھرن، آبادگار تنظيمن طرفان بھ اچي رھيا آھن ۔ حقيقت ۾ سنڌ جي ھي تحرڪ پاڪستان جي پائيدار ۽ شموليت واري ترقي بابت آھي. سنڌ جي پاڻي جي حقن کي ڏسندي ضروري آھي ته ھن تحريڪ کي ڪا بھ سياسي پارٽي پنھنجي وقتي نفعي جي اوزار طور استعمال ڪرڻ بجاءِ، ان کي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ھڪ تاريخي موقعو سمجھي.

فرانسيي ليکڪ وڪٽر ھوگو پنھنجي ڊائري ۾ شايد مرڻ ڪنڌيءَ واري رات ھڪ جاءِ تي لکيو آھي ”دنيا جي سڀني طاقتن کان سگھارو اُھو خيال ۽ تصور آھي، جنھن جو وقت اچي چڪو آھي“. يعني جيڪڏھن ڪنھن تصور، خيال جي پُڪار وقت سان ٺھڪي اچي ٿي ته دنيا جي ڪابه طاقت ان کي روڪي نٿي سگھي. ان ڳالھه جو حوالو ايورٽ ڊرڪسن آمريڪا جي سينٽ ۾ ٽن مھينن جي تاريخي بحث کان پوءِ 10 جون 1964ع تي ھر آمريڪي فرد کي برابري جي حقن ڏيڻ لاءِ ”سول رائيٽ ايڪٽ“ اڌ رات تائين ھلندڙ ان اجلاس ۾ ڏنو! انساني، حقن ۽ جمھوري روايتن جي لحاظ کان، دنيا جي ھڪ وڏي اقتصادي ۽ فوجي طاقت ھوندي، آمريڪا لاءِ، عوام جي ھن مطالبي کي نظر انداز ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ ممڪن نه ھو! وڪٽر هوگو جو اهو تاريخي جملو دنيا جي لاءِ ان جي سڀني گڏيل طاقتن لاءِ ڀرپور سچ ھو، اُن اڌ رات جي ڪيل فيصلي جي صورت ۾ صبح جي سج جيان ٻرندڙ سچ! ان وقت برابري وارو خيال، تصور، آئڊيا سڀ کان وڌيڪ سگھارو ھو! پاڪستان لاءِ،  ھي وسيلن جي ورھاست تي برابري ۽ انصاف وارو پاڻيءَ سان لاڳاپيل خيال ۽ مطالعو جيتوڻيڪ سنڌ جو آھي، پر اِھو پوري پاڪستان لاءِ، پاڪستاني عوام لاءِ چئني صوبن لاءِ ’سج جيان سچ’ آھي، جنھن جو وقت اچي چُڪو آھي، جنھن کي تسليم ڪري پاڪستان جي ترقي،جمھوري قدر، اقتصادي بھتري، سماجي حفاظت ۽ محفوظيت ۽ غير يقيني جي 2017ع کان ھلندڙ حالت جنھن کي اٺن سالن کان مٿي ٿي چڪو آھي ختم ڪري سگھجي ٿو!

ھي پاڪستان جي تاريخ جو اُھو موقعو آھي، جنھن ۾ عوام ڪنھن مفاد، مفاھمت، پنھنجي ذاتي فائدي يا دشمن کي نقصان ڏيڻ جي مقصد ۽ تصور کانسواءِ، پاڪستان ۽ پنھنجو پاڻ سان گڏ بيٺو آھي. ھر اُھو طبقو ۽ ڌر جيڪا جمھوري پاڪستان جي ترقيءَ کان خائف آھي ۽ صرف پنھنجي ننڍڙي ۽ وقتي خواھشن، فائدي ۽ طاقت لاءِ رڳو سوچي ٿي، اُھا ان ڀر بيٺل آھي، جنھن ڀر عوام، آئيني ۽ جمھوري پاڪستان بيٺل ناھي!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.