وفاقي حُڪومت وٽ ڪئنال ٺاهڻ جو هاڻي ڪو جواز ناهي، فيصلو واپس ورتو وڃي

سنڌوءَ تي ڇهن نون ڪئنالن ٺاهڻ واري منصوبي خلاف جڏهن سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ۾ قوم پرست جماعتن احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو هو ته وفاقي حڪومت جي وزيرن چوڻ شروع ڪيو ته اهو احتجاج اهي سياسي جماعتون ڪري رهيون آهن جن کي عوام ڪڏهن به ووٽ نه ڏنو نه ئي انهن کي ڪا اهميت ڏني آهي پر اڳتي هلي جيئن جيئن احتجاجن، مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو وڌندو ويو ته پوءِ ملڪ جي اقتداري، وفاقي ۽ مذهبي جماعتن به ڪئنالن خلاف احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته وفاقي حڪومت سان گڏ پ پ تي جيڪا وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي تنهن تي دٻاءُ پوڻ شروع ٿي ويو. اها به حقيقت آهي ته پ پ جي سنڌ ۾ ڪئنالن جي ڪري سياسي پوزيشن پڻ تڪراري ٿي وئي، جنهن دٻاءُ تحت پ پ به پوءِ پويان پير ڪيا ۽ ڪئنالن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جا ڪجهه وزير هاڻي به چون ٿا ته صدر آصف زرداريءَ گرين انيشيٽو منصوبي تحت غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ واري منصوبي جي منظوري ڏني هئي، جنهن جو لکت ۾ رڪارڊ آهي جنهن تي صدر مملڪت جي صحيح به ٿيل آهي پر پوءِ سنڌ ۾ ٿيندڙ شديد قسم جي احتجاج کانپوءِ پ پ ان منصوبي تان هٿ کڻي وئي آهي ۽ هاڻي ڪئنالن تي اها سياست ڪري رهي آهي.

بهرحال ڪجهه به هجي وفاقي حڪومت ڪئنالن واري منصوبي تي هاڻي اڪيلي ٿي چُڪي آهي خاص ڪري صدر زرداريءَ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب دوران غير متوقع طور تي صوبن جي ناراضگي ۽ احتجاج کي ڏسندي ڪئنالن جي منصوبي کي رد ڪيو ته ان سان وفاقي حڪومت کي وڏو ڌڪ رسيو. صدر زرداري جي ان خطاب کانپوءِ پ پ باضابطه طور ڪئنالن تي پنهنجي پاليسي واضح ڪندي ان جي کلي عام مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي آهي. ٽيون ڏينهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 46 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداريءَ به واضح اعلان ڪيو ته پ پ ڪئنالن جي معاملي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت نه پر عوام سان گڏ بيهندي. هن چيو ته ڪئنال منصوبو تڪراري بڻجي چڪو آهي ان معاملي تي صوبن کي ويڙهايو پيو وڃي. سو سنڌوءَ کي بچائڻ لاءِ وفاق کي بچائڻ لاءِ، ملڪ کي بچائڻ لاءِ اسان ڪئنالن کي نامنظور ڪيون ٿا.

هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو جي ذوالفقار جونيئر به 4 اپريل تي لاڙڪاڻي شهر جي مک جناح باغ چوڪ تي ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته جيستائين سنڌ ڌرتيءَ جو هڪ به غيرت مند ماڻهو زنده آهي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌو درياهه تي سنڌين جو حق آهي تڪراري ڪئنالن تي مان قوم پرست جماعتن سان گڏ آهيان. ايم ڪيو ايم جو به چوڻ آهي ته صدر زرداري ڪئنالن جي منظوري تي معافي وٺي. فاروق ستار هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پ پ اڳ ۾ ڪئنالن جي حمايت ڪئي بعد ۾ دٻاءُ تحت وري مخالفت پئي ڪري. ايم ڪيو ايم سان گڏ جي ڊي اي، تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ سڀ هاڻي ڪئنالن خلاف هڪ ٿي ويون آهن.

هاڻي ته پنجاب مان به ڪئنالن خلاف آواز بلند ٿيڻ لڳو آهي ته جڏهن پنجاب حڪومت چئي ٿي ته چولستان سميت ڇهن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪنهن صوبي جو نه کنيو ويندو ته سوال اهو آهي ته پوءِ پنجاب جي ڪهڙن شهرن جو پاڻي چولستان ۽ ٻين ڪئنالن کي ڏنو ويندو. هوڏانهن پاڻي جي ورڇ جو ادارو انڊس رور اٿارٽي به تسليم ڪري رهي آهي ته سنڌوءَ جي سسٽم ۾ پاڻي جي رڪارڊ کوٽ آهي. مطلب ته هر پاسي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان نون ڪئنالن جي منصوبن تي اعتراض ۽ خدشا ظاهر ٿي رهيا آهن. سنڌ کي ته ڪنهن ريت به ڪئنالن تي رضامندي ناهي ڏيڻي. سو وفاق لاءِ هاڻي ڪئنال اڏڻ جو ڪو جواز ناهي رهيو.

تنهن ڪري هوشمندي جي تقاضا ته اها آهي ته وفاقي حڪومت ڪئنالن تي هاڻي ڪو ضد نه ڪري ۽ انهن منصوبن تان وفاق جي سلامتي جي صدقي هٿ کڻي وڃي، ڇاڪاڻ ته هن وقت وفاق کي جيترو خطرو آهي تهڙو ان کي ڪڏهن به درپيش نه هو. هاڻي هڪ ئي وقت بلوچستان، خيبرپختون خواهه ۽ سنڌ وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف سراپا احتجاج آهن. بلوچستان ته ذري گهٽ هٿن مان نڪري چُڪو آهي. سنڌ جي عوام کي به خدشو آهي ته سنڌ سان بلوچستان جهڙي حالت ڪئي پئي وڃي.

اهڙي صورتحال ۾ وفاق کي بچائڻ لاءِ پڻ لڳي ٿو ته ڪنهن کي اڳتي اچڻو پوندو جيئن بلاول ڀٽو زرداري ٽيون ڏينهن شهيد ڀٽو جي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ان پاسي اشارو ڪيو هو ته پاڻ نه رڳو سنڌو درياهه کي پر وفاق کي بچائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ 18 اپريل تي حيدرآباد ۾ پاڪستان کپي جي نعري سان نئين تحريڪ شروع ڪبي. سو هن وقت واقعي به وفاق کي خطرو ورائي ويو آهي.مسلم ليگ (ن) جي وفاقي حڪومت کي به حالتن جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائي ۽ ڪنهن به قسم جي ضد بجائي ملڪجي مفاد ۾ اڪثريتي ۽ جمهوري فيصلي جو احترام ڪري، جيتوڻيڪ اسان کي اها به خبر آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ به حڪومتي ميمبرن جي اڪثريت آهي پر اهو فورم ملڪ جي تڪراري منصوبن کيحل ڪرڻ جو هڪ مورچو پڻ آهي.

اصولي طور تي تڪراري منصوبن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث مباحثو ڪري پوءِ اهڙن منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو آهي پر افسوس ته آئين ۽ قانون تحت گذريل هڪ سال کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو وفاقي حڪومت اجلاس نه گهرائي سگهي، جنهن ڪري پاڻي جو بحران سياسي ۽ حڪومتي بحران ۾ تبديل ٿيڻ لڳو آهي. جيڪڏهن هاڻي به وفاقي حڪومت حالتن جي سنگيني جو اندازو نه لڳايو ۽ ڪئنالن مان هٿ نه ڪڍيو ته اهو عمل مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو به سر کڻي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.