سکر (رپورٽر) چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ ريجن سکر بئراج مان نڪرندڙ ساڄي پاسي جي ڪئنالن جي سالياني بندش جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل پڌرائي موجب، دادو ڪئنال، اين ڊبليو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال کي 1 اپريل کان 30 اپريل 2025 تائين مڪمل بند رکيو ويندو. ڪئنالن جي سالياني معائني ۽ ضروري مرمتي ڪم سبب واسطيدار ڌرين کي اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو آهي.
-
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ججن ۾ اختيارن جو جهيڙو تيز
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس ۽ ججن جي وچ ۾ اختيارن جي ويڙهه تيز ٿي وئي، جسٽس سرفراز ڊوگر ڪيس ٻڌڻ کان معذرت جي باوجود، ڪيس کي ٻيهر ٻڌڻي لاءِ جسٽس بابر ستار جي بينچ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو. تنهن بعد جسٽس بابر ستار هڪ لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ته ڪيس کي نئين بينچ جي سامهون مقرري لاءِ ڊپٽي رجسٽرار ڏانهن موڪليو وڃي. حڪم ۾ چيو ويو ته فائل چيف جسٽس جي انتظامي پاسي ڏانهن موڪلي وئي هئي انهن ريمارڪس سان ته هي ڪيس ساڳئي بينچ ٻڌي، اها چيف جسٽس جي آفيس يا رجسٽرار جي غلطي هجڻ گهرجي. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته احترام جوڳي چيف جسٽس وٽ اهو طئي ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي ته هڪ عدالت لازمي طور تي ڪيس ٻڌندي يا نه، رولز موجب معذرت جو اختيار لاڳاپيل جج وٽ هوندو آهي.