ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ زلزلي سبب فوتين جو انگ 1644 کان ٽپي ويو، جڏهن ته زخمين جو انگ 2400 تائين پهچي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب،سرڪاري انگن اکرن موجب ميانمار ۾ زلزلي سبب 1644 ماڻهو فوت ۽ 2400 زخمي ٿيا آهن.
امدادي ٽيمون ملبي هيٺان ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ رڌل آهن، جڏهن ته آمريڪي ايجنسي 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ميانمار جي منڊالي ۾ زلزلو ايترو ته شديد هو جو ان جا لوڏا 900 ڪلوميٽر پري ٿائيلينڊ جي گادي واري شهر بئنڪاڪ تائين محسوس ڪيا ويا، جتي ڪيئي عمارتون ۽ پلون ڊهي پٽ پئجي ويون.
ان کانسواءِ زلزلي جا جهٽڪا ڀارتي رياستن ميگهاليا ۽ مڻي پور سميت بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۽ چين ۾ به محسوس ڪيا ويا.
بئنڪاڪ جي اختيارين موجب، اڏاوتي عمارتن ۾ ڏار بابت ٻه هزار رپورٽون مليون آهن، جڏهن ته هڪ تعمير هيٺ عمارت ڪِرڻ سبب 10 ڄڻا فوت ۽ 100 پورهيت گم آهن.
واضح رهي ته آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، زلزلي جي شدت 7.7 ۽ زمين اندر ان جي اونهائي 10 ڪلوميٽر هئي، جڏهن ته ان جو مرڪز ميانمار جي شهر منڊالي کان 17.2 ڪلوميٽر پري هو .