عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ ٽي سئو ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 300 ملين ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ورلڊ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، هي قرض ”پنجاب ڪلين ايئر پروگرام“ تحت ڏنو ويندو، جيڪو پنجاب ۾ فضائي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ استعمال ٿيندو، قرض مان صوبائي حڪومت کي سموگ مٽيگيشن ايڪشن پلان کي پڻ سگهه ملندي.
ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو آهي ته پنجاب ڪلين ايئر پروگرام سموگ گهٽائڻ جي لاءِ هڪ اهم وک آهي، جيڪا لکين شهرين جي صحت ۽ ڀلائي لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي.
ورلڊ بئنڪ موجب، هي پروگرام عالمي بئنڪ جي نئين ”ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ“ موجب ترتيب ڏنو ويو آهي، جنهن ذريعي خاص طور تي لاهور ڊويزن جي هڪ ڪروڙ 30 لک شهرين کي فضائي گدلاڻ سان جڙيل بيمارين کان بچڻ ۾ مدد ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.