اداڪار ساجد جو پٽ ٽن سالن کان منشيات جو ڌنڌو ڪندو هو: پوليس

ڪراچي(رپورٽر) ساحر حسن منشيات ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جوابدار جي والد اداڪار ساجد حسن جي مينيجر مڪرم خلاف منشيات (ويڊ) جي خريداري جو ثبوت سامهون آيو آهي، مڪرم طرفان منشيات فروش بازل کي ڏنل ڊپازٽ سلپ به ظاهر ٿي پئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ساحر حسن لاءِ ويڊ خريدڻ لاءِ سندس والد ساجد حسن جو مينيجر منشيات فروش کي رقم ڏيندو هو، جاچ دوران ساحر حسن کان مليل ڊپازٽ سلپ اڍائي سال پراڻي آهي، جوابدار ٽن سال کان منشيات (ويڊ) جو ڪاروبار ڪري رهيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات فروش بازل به هڪ اهم ڪاروباري خاندان سان تعلق رکي ٿو، جيڪو ساحر حسن کي قرض تي ويڊ سپلائي ڪندو هو، هن وقت پرڏيهه فرار ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.