بي اين پي ڌرڻي ويجهو ڌماڪو، اسان کي ڪنهن تنظيم مان نه سرڪار مان خطرو آهي: اختر مينگل

مستونگ (ويب ڊيسڪ) ر بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ سمي دين بلوچ سميت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي گرفتار اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جاري ڌرڻي جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڌماڪي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته آپگهاتي حملي ۾ ڪو به جاني نقصان ٿيو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مستونگ ذوهيب قبزئي موجب، حملي ۾ پنج کان ڇهه ڄڻا معمولي زخمي ٿيا آهن.
بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل ٻڌايو آپگهاتي بمبار کي ڌرڻي جي ويجهو اچڻ کان روڪڻ سبب هن پاڻ کي اٽڪل 400 گز پري ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.
حملي جي جاچ جو حڪم
مستونگ جي ڊپٽي ڪمشنر ذوهيب ڪبزئي جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي ۾ ماڻهو معمولي زخمي ٿيا آهن، حملي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، ڌماڪي جي وقت بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جو ڌرڻو جاري هو، سردار اختر مينگل سميت پارٽي جي سموري قيادت محفوظ آهي.
اختيارين موجب، بلوچستان حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي ۽ انڪوائري جي نتيجن بابت عوام کي جلد آگاهه ڪيو ويندو.
واضح رهي ته بي اين پي طرفان ڪوئٽا – ڪراچي هاءِ وي ۽ ڪوئٽا – تفتان هاءِ وي وٽ ڌرڻو جاري آهي، جنهن ۾ بي اين پي اڳواڻن سميت مختلف سياسي ۽ قبائلي شخصيتون شامل آهن.
لانگ مارچ گذريل ڏينهن خضدار ضلعي جي وڍ علائقي مان سردار اختر مينگل جي اڳواڻيءَ ۾ شروع ڪيو ويو هو، پر انتظاميا طرفان لڪپاس ٽنل ۽ ٻين رستن کي بند ڪرڻ سبب ان جاءِ تي عارضي طور ڌرڻو هنيو ويو آهي.
بي اين پي جي دعويٰ آهي ته پوليس گذريل رات لڪپاس ٽنل تي سندن ڪيئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو، جڏهن حڪومت هن وقت تائين ڪنهن به گرفتاريءَ جي تصديق نه ڪئي آهي.
ڌماڪي بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اختر مينگل چيو ته ”اسان کي ڪنهن به تنظيم کان ڪو خطرو ڪونهي، پر سرڪار کان خطرو آهي.“
هن الزام هنيو ته گذريل رات ڌرڻي تي بڪتربند گاڏي چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن تي شيلنگ پڻ ڪئي وئي.
هن چيو ته حڪومت ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پر اسان جو احتجاج پُرامن طور جاري رهندو ۽ جيڪڏهن حالتون خراب ٿينديون ته ذميوار حڪومت هوندي.
ٻئي پاسي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ٻڌايو ته بي اين پي قيادت سان مسلسل رابطي ۾ آهيوب ۽ سرڪاري وفد جي سردار اختر مينگل سان ملاقات تي به اتفاق ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت بي اين پي قيادت ۽ عوام جي حفاظت جي ذميوار آهي، اسان سڀني مان سهڪار جي اميد رکون ٿا ته ڳالهين ذريعي صورتحال کي بهتر بڻائجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.