بي اين پي لانگ مارچ تي حملو، پرامن احتجاج ڪندڙن تي تشدد جي مذمت ڪيون ٿا: زين شاهه

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه بلوچستان نيشنل پارٽي جي لانگ مارچ دوران ٿيل آپگهاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اختر مينگل ۽ ٻين کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
سيد زين شاهه چيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي بلوچ نوجوانن، کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن ۽ گرفتار نياڻين جي آزادي لاءِ پرامن لانگ مارچ شروع ڪيو آهي، جنهن جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا.
هن چيو ته اختر مينگل بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير ۽ ڪيترائي ڀيرا قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي، حڪومت کي سندس حياتي محفوظ بڻائڻ لاءِ ترت جوڳا قدم کڻڻ گهرجن.
سيد زين شاهه چيو ته بلوچ قوم وسيلن جي مالڪي ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جو عوام انهن مطالبن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته ماهه رنگ بلوچ، سمي دين بلوچ ۽ سوين ڪارڪن هن وقت جيلن ۾ آهن، جن جو مطالبو رڳو ايترو آهي ته بلوچستان جي وسيلن تي بلوچ قوم جي مالڪي تسليم ڪئي وڃي ۽ کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪو هڪ جائز مطالبو آهي ۽ ايس يو پي ان مطالبي جي تائيد ڪري ٿي.
سيد زين شاهه آپگهاتي حملي ۾ زخمين جي ترت صحتيابي لاءِ دعا ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اختر مينگل ۽ سموري قافلي کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.
ان کان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته ” بي اين پي جي لانگ مارچ تي وحشياڻي حملي، ڌماڪن، ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال ۽ پرامن احتجاج ڪندڙن جي وڏي پيماني تي گرفتاريءَ جي سخت مذمت ڪجي ٿي.“
هن چيو ته ” پرامن احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جو استعمال خطرناڪ مثال قائم ڪري ٿو، جيڪو مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ خرابين کي جنم ڏئي ٿو.“
هن وڌيڪ چيو ” پرامن احتجاج ڪرڻ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، ۽ ان حق کي برقرار رکڻ لازمي آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.