اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ريٽائرڊ ايئر مارشل جواد سعيد کي حبس بيجا ۾ رکڻ بابت داخل ڪيل درخواست ڏنڊ سان گڏ خارج ڪري ڇڏي، جواد سعيد جي زال جي درخواست تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ان تي حساسدستاويز شيئر ڪرڻ جو الزام آهي، سندس جنوري 2024 ۾ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو ۽ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج خادم حسين سومرو، شازيه جواد طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ 15 هزار ڏنڊ هڻي درخواست خارج ڪري ڇڏي، اسسٽنٽ اٽارني جنرل ٻڌايو ته مارچ 2024 ۾ رحم جي اپيل تي سزا 14 سالن مان گهٽائي 4 سال ڪئي وئي آهي، عدالت پڇيو ته ڪورٽ مارشل ۽ اپيل جنهن ۾ سزا ڏني وئي آهي، ان جو تحريري آرڊر ڪٿي آهي؟ جنهن تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته هن وقت مڪمل آرڊر اسان وٽ ناهي، هڪ پيراگراف موجود آهي جنهن ۾ الزامن ۽ سزا جو ذڪر ڪيو ويو آهي.