بلاول جي سنتوش ڪمار جي وارثن سان ملاقات،نوڪرين جو اعلان

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نئون ديرو شهر جي درگاهه چوڏهل شاههپاڙي ۾ هندو واپاري سنتوش ڪمار جي زال، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ ڀائٽي منيش ڪمار ماکيجا سان واقعي تي ڏک جو اظهار ڪري تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سنتوش ڪمار جي وارثن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنتوش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڏوهارين کي پوليس مقابلي ۾ مارڻ بابت آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته مقتول جي ڀيڻ بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ته آئون تعليم يافته آهيان مونکي ۽ منهنجي ڀاءُ کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون وڃن جنهن تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جميل سومرو کي هدايت ڪئي ته سنتوش ڪمار جي ڀيڻ ۽ ڀاءُ کي سنڌ حڪومت ۾ نوڪريون ڏيڻ سان گڏ سنتوش ڪمار جي امڙ جو سرڪاري خرچ تي علاج به ڪرايو وڃي ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنتوش ڪمار جي وارثن کي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسان هندو برادريءَ سان هر ڏک سک ۾ گڏ آهيون ۽ رهنداسين ۽ منيش ڪمار کان دڪان بابت آگاهي ورتي جنهن بعد چيو آئون اوهان جي دڪان تي به وزٽ ضرور ڪندس. جنهن بعد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گاڏين جي قافلي سان گڏ غريب آباد پاڙي ۾ پهچي مدئجي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار محمد رمضان ڀٽو جي گهر پهتو جتي هن شهيد اهلڪار محمد رمضان ڀٽو جي پٽن فدا حسين، الطاف حسين، مدثر علي ڀٽو ۽ نياڻي ام فضا، ڀاءُ شعبان علي ڀٽو ۽ امڙ سان ملاقات ڪري شهيد اهلڪار جي روح کي ثواب پهچائڻ خاطر دعا گهري ۽ وارثن سان واقعي تي تعزيت ڪئي،ان موقعي تي جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال، رميش لال، اعجاز احمد لغاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. هوڏانهن پ پ سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه نئون ديرو هائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري تڪراري ڪئنالن بابت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪيل احتجاجن بابت تفصيلي آگاهي ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.