اسلام آباد (م ڊ) حڪومتي دعوائن ۽ اعلانن جي باوجود، شهري اڃا تائين 180 رپيا ڪلو مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ڳڻپ کاتي کنڊ جي اگهن بابت انگ اکر جاري ڪيا جن ۾ ٻڌايو ويو ته کنڊ 180 رپيا ڪلو وڪامجي رهي آهي. يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 8 رپيا في ڪلو وڌي 158 رپيا في ڪلو ٿي وئي آهي. گذريل هفتي تائين، يوٽيلٽي اسٽورن تي کنڊ 150 رپيا في ڪلو هئي. ڪراچي، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ پشاور جا شهري سڀ کان مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.
اسحاق ڊار پاران کنڊ اگهن ۾ گهٽتائي جي رجحان تي اطمينان ظاهر
اسلام آباد (م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ کنڊ جي صورتحال تي اجلاس ٿيو، هن اگهن ۾ گهٽتائي واري رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪميٽين وچ ۾ ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. معاهدي تحت ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه 164 رپيا في ڪلو يا ان کان گهٽ آهي، نائب وزيراعظم شگر مل الڪن کي عمل يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.