گرين پاڪستان وارا ٻڌائن 27 ايم اي ايف پاڻي وڃڻ باوجود ڊيلٽا تباهه ڇو آهي؟ پاڻي ماهر

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته درياهه سنڌين جي ريڊ لائن آهي، هو چون ٿا ته اسان وٽ اڳ ئي پاڻي کوٽ آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ پاڻي ويندو ته جيڪو پاڻي اچي ٿو اهو به نه ايندو. گرين پاڪستان جي ڪرتا ڌرتائن سان ڪنهن بحث ڪيو ته گرين پاڪستان وارن چيو ته سنڌ وارا اجايو اعتراض ڪري رهيا آهن، هي ته هر سال 27 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا، جڏهن ته عالمي رپورٽ موجب هنن کي رڳو ساڍا 8 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي ضرورت آهي ۽ ان سان ئي هنن جو ڊيلٽا ٺيڪ ٿي ويندو، اسان ته اهو ٿا چئون ته اوهان جيڪو پاڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ٿا اهو اسان کي ڏيو ته جيئن اسان جا ڪئنال هلي سگهن. جنهن صاحبکي اهو جواب ڏنو ويو، ان چيو ته مون وٽ ان جو جواب نه هو،هن چيو ته  اصل ۾ جواب سادو هو ته کيس پڇڻ گهرجي ها ته جڏهن 27 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سنڌ وارا سمنڊ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏين ٿا ۽ 8 ملين ايڪڙ فٽ سان ڊيلٽا ٺيڪ ٿي سگهي ٿو ته پوءِ ڊيلٽا ٺيڪ ڇو ناهي ٿي رهيو؟ 27 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي گذرڻ جي باوجود ڊيلٽا ٺيڪ ڇو ناهي؟ ڪنهن به هنڌ گرين پاڪستان وارن جي ايڪوئيشن بيلنس نظر نٿي اچي. ڪئنالن جو مطلب آهي ته اوهان جو درياهه ختم ٿي ويندو ۽ ڊيلٽا تي ڪجهه نه پهچندو، ڊيلٽا کي رڳو پاڻي نه واري ۽ مٽي به گهرجي.  تمر جا ٻيلا به  نه لڳندا، ڀلي اوهان پاڻي پهچائي ڇڏيو، اهي منصوبا ڪارائتا نه آهن. چولستان ۾ ڪئنال ٺاهڻ لاءِ اوهان کي فنڊ ڪڏهن نه ملندو، ڇو ته اهو ماحول دوست ناهي. دنيا جو پنجون وڏو تمر جي ٻيلن جو جهنگ انڊس ڊيلٽا ۾ هو جيڪو هاڻي اصل حالت کان 10 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، فنڊ ڏيڻ وارا بيوقوف ته ناهن ته جو ڪلائمينٽ فنڊ ڏيندا. اوهان درياهن کي آزاد ڇڏيو، درياهن جو رستو کوليو، ان کان اڳ جو درياهه پاڻ درياهه ٽوڙين. 2023 جولاءِ ۾ هنن لانچ ڪيو هو ۽ آگسٽ ۾ واپڊا کين پريزنٽيشن ڏني هئي، ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم ٺهي ويندا ته فالتو پاڻي بچندو جنهن کي چولستان پاڻي پهچايو ويندو. هاڻي ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيم به انڊس درياهه تي ٺهي رهيا آهن. يعنيٰ پاڻي انڊس مان گهٽجندو، چناب يا جهلم مان نه گهٽجندو. چولستان ۾ پاڻي 6 سالن ۾ پهچندو ۽ هو سيڙپڪارن کي زمينون ڏئي چون ٿا ته اوهان 3 سالن کانپوءِ اسان کي ڪرايو ڏيو، هو ڇا جو اوهان کي ڪرايو ڏيندا؟ سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪير ائين سوچي ٿو ۽ ڪير ان جي منظوري ڏئي ٿو. آئن اسٽائن جي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي ته جنهن چيو ته هو ته دنيا چريائپ، خوف ۽ لالچ سان هلي ٿي، اهي ٽئي شيون مون کي هر منصوبي ۾ نظر اچن ٿيون، گرين پاڪستان هجي يا گريڊ پاڪستان هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.