بيڊ گورننس جيڪا عيد جون خوشيون ئي حرام ڪري ڇڏيندي آهي

هونئن ته ٻارهو ئي پنهنجي ملڪ اندر بيڊ گورننس هوندي آهي پر رمضان المبارڪ جي مذهبي مهيني ۽ عيد جي خوشين جي موقعن تي به حڪمران سٺي حڪومت ڪري عوام کي ڪو رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهندا آهن. ايئن هر رمضان توڙي عيد الاضحيٰ جي موقعن تي ٿيندو آهي. رليف ڏيڻ ته ٺهيو هتي الٽو ماڻهن جون خوشيون ۽ عبادتن جو سڪون ئي حرام ڪيو ويندو آهي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ته رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ جيڪر حڪومتون ۽ هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي حصي جو ثواب ماڻڻ لاءِ جيڪر سڀ ڀلائي جا ڪم ڪن. پر ٿيندو ائين آهي ته ان مهيني کي ئي ڪمائڻ ۽ بزنس جو مهينو سمجهي ڪري هر ڪو عوام کي ڦريندو رهندو آهي.  يعني ان مهيني ۾ هر شئي جا اگهه ٻيڻا، ٽيڻا ۽ چئوڻا ڪري ڇڏيندا آحن. ان مهيني ۾ هر واپاري طبقو پوءِ ننڍو هجي يا وڏو پئماني تي ڦرلٽ ڪري عيد جو خرچ ڪڍي ويٺندو آهي ۽ عوام وٽ عيد جي خريداري لاءِ پاڻ لٽائڻ به هڪ مجبوري هوندي آهي. اهو قرض کڻي به عيد جون خوشيون خريد ڪرڻ تي مجبور هوندو آهي. سحري ۽ افطاري جي شين جا اگهه اصولي طور تي ته رمضان المبارڪ جي احترام ۾ ۽ ثواب خاطر جيڪر گهٽ رکجن پر ان موقعي تي دين ۽ ايمان رڳو روزو نماز تائين محدود هوندو آهي. عملي طور تي ڪردار مان ثواب ڪمائڻ جو ڪو تصور ناهي هوندو.

ائين ئي بازارن ۾ پڻ هر شيءِ جا اگهه چوٽ چڙهي ويندا آهن. وري عوام جيڪو روزگار سانگي پنهنجا ڳوٺ ڇڏي ايندو آهي سو چاهيندو آهي ته عيدن جون خوشيون پنهنجي رت جي رشتن سان جيڪر ملهائي ته ان معصوم خواهش تي راهه ۾ به رنڊڪون وڌيون وينديون آهن ۽ هر قسم جي ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌائي عوام جو موڊ ئي خراب ڪيو ويندو آهي. سو عوام لاءِ عام ۽ سادي قسم جي خوشي به ڳري قيمت تي حاصل ڪئي ويندي آهي.

عوام جي عيد جي موقعن تي حرام ٿيندڙ خوشين جي ذميواري غلط حڪمراني آهي ۽ حڪومت کي پنهنجي گورنمينٽ بهتر ڪرڻ جو نه ڪو احساس هوندو آهي نه ئي اونو. بهتر گورننس جو احساس هجي ۽ ارادو هجي ته يقينن ان ڏس ۾ ڪا ڪوشش به ٿيندي نظر اچي پر افسوس ۽ ميرٽ جو مقام اهو آهي ته ان پاسي ڪو ڌيان ئي ناهي، ڪا سوچ ئي ناهي ڪو ارادو ئي ناهي. ڪا سوچ ۽ ارادو هوندو آهي ته ڪوشش ڪبي آهي ۽ اها نظر به ايندي آهي پر ڪوشش ئي ناهي ته بهتري ڪيئن ايندي، نتيجي ۾ حالتون بد کان بد تر ئي ٿينديون نظر اينديون آهن. هر رمضان ۽ اضحيٰ جي عيدن جي موقعن تي اوهان کي مهانگائي گذريل حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ريڪارڊ ٽوڙ نظر ايندي.

جڏهن ته اهو حڪومتن جو فرض هئڻ گهرجي ته اهي عوام جي خوشين جو خاص خيال ڪن ۽ انهن موقعن تي کين رليف ڏين. ضلعي سطح تي روز چڪاس ڪن ته واپاري، دڪاندار ۽ ٽرانسپورٽر مقررر اگهه کان وڌيڪ پيسا ته نٿا وٺ، ان غيرقانوني عمل جي روڪٿام ظاهر آهي ته حڪومتن کي ئي ڪرڻي هوندي آهي، نه رڳو خاص موقعن تي پر روز جي معمول ۾ به گڊ گورنننس جو قانون ڏيکارڻ گهرجي. سو جيڪي حڪومتون عام انتظامي معمول واريون ذميواريون نه نڀائي سگهن دڪاندارن، واپارين ۽ ٽرانسپورٽرن سان نه پڄي سگهن سي انهن عيدن جي موقعن تي ڦورن ۽ ڌاڙيلن کان ڀلا عوام کي ڪيئن ٿيون بچائي سگهن. دڪاندار ۽ واپاري ته سري عام ڀريل بازارن ۾ عوام کي ڦرن ٿا پر ڦورو ۽ ڌاڙيل ته لڪ ڇپ ۾ ڦرڻ جون وارداتون ڪن ٿا. روڪي ته انهن کي به سگهجي ٿو پر ڳالهه اها ئي ارداري جي آهي ته حڪومتون گذرننس چاهين به ٿيون يا نه.

جيڪڏهن حڪمران گڊگورننس نه ٿا چاهين ته اهو عوام ئي آهي جنهن کي کانئن حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي. جيستائين عوام انهن کان پڇاڻُ نه ڪندو حساب ڪتاب نه ڪندو تيستائين اهي حڪومتون بس اقتدار جي نشي ۾ خماريل ئي رهنديون. جڏهن ڳالهه سندن سر تي ايندي تڏهن ئي سندن هوش ٺڪاڻي تي ايندا. مطلب ته عوام کي پنهنجي مالڪي پاڻ ڪرڻي پوندي، مسئلن لاءِ هڪ آواز ٿيڻو پوندو ۽ اهڙو احتجاج ڪرڻُ پوندو جيئن حڪومت تي اثر پوي. مثال طور جيڪڏهن سڄو ملڪي عوام هڪ ٿي ڪري اهو آواز اٿاري ته حڪومت جيڪڏهن گڊ گورننس مهيا نه ڪنديون، مهانگائي نه گهٽائينديون، عيدن جي موقعو تي رليف نه ڏينديون ته پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ کين ووٽ نه ڏبو. ان قسم جي مشروط ووٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومتن کي به عوام طرفان ٽف ٽائيم ملڻ ضروري آهي.

عوام پاڻ هڪ طاقت آهي. نظرياتي طور تي اهو ئي حڪمران آهي جڏهن ته حڪمران سندن خادم آهن هاڻي خادمن کان ڪم وٺڻ جو ذمو عوام جو آهي ائين جيئن گهر جي ملازمن کان ڪم ورتو ويندو آهي سو حڪمران به عوام جي ٽيڪس مان پگهارون کڻندا ۽ عياشيون ڪندا آهن انڪري عوام کي پنهنجي حلال جي ڪمائي جو حساب ڪتاب وٺڻ گهرجي ته انهن پيسن عيوض سندن ڪهڙي ٿي خدمت ٿئي.

هاڻوڪي صورتحال ايئن آهي ته عوام جا خادم حڪمران لڳا پيا آهن ۽ انهن کي ڪا پرواهه ناهي ته عوام تي ڪيئن گذري رهي آهي جنهن کي بهتر بڻائي چونڊن ۾ عوام کان ووٽ وٺي کٽرائيندا آهن پر اڄ جي حڪمرانن کي عوام جي غضب جو ڪو به خوف ئي ناهي ڇاڪاڻ ته حڪمرانن کي اهڙي ڪا به اک ناهي ڏيکاري وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.