ڪراچي(رپورٽر)مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جاچ ٽيم خلاف ڪارروائي لاءِ آءِ جي سنڌ کي خط لکي ڇڏيو آهي، پراسيڪيوشن طرفان مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي خدشن جو اظهار ڪيو ويو، ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان اغوا بعد قتل ٿيل مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پراسيڪيوشن آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کي خط لکي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب استغاثه مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي خدشن جو اظهار ڪيو، پراسيڪيوشن طرفان آءِ جي سنڌ پوليس کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته جاچ ٽيم خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ارمغان ۽ شيراز مصطفيٰ عامر کي بيدردي سان قتل ڪيو، جاچ ٽيم ڪيس جي پراسيڪيوشن کي نقصان پهچايو، جوابدار ارمغان جي اعترافي بيان کان اڳ پراسيڪيوشن کي نه ٻڌايو ويو ۽ نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو،خط ۾ چيو ويو آهي ته ايس ايس پي پاران جوابدار ارمغان جو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرايو ويو آهي جيڪو قانون ۾ قابل قبول آهي، اعترافي بيان جي درخواست داخل ڪندڙ جاچ ٽيم خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته جاچ جي اهڙي قدم سان ڪيس کي نقصان پهتو آهي.