ڪراچي پريس ڪلب جي رستن جي بندش آمريت آهي: فاضل جميلي

 ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ گورننگ باڊي ڪراچي پريس ڪلب ۽ ڀرپاسي رستن جي بندش کي شهري انتظاميا ۽ پوليس جي نااهلي قرار ڏيندي چيو آهي ته جلوس جتا کان اچي رهيو آهي، اُتي ئي روڪڻ گهرجي، پريس ڪلب طرف وڃڻ وارا رستا بند ڪرڻ مسئلي جو حل ناهي. آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهارِ راءِ جي آزادي جو حق ڏيندو آهي. انتظاميا کي فوري طور تي ڪراچي پريس ڪلب جي رستن جي بار بار بندش جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا. ڪراچي پريس ڪلب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدار، ادارن کي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هڪ شاندار تاريخ رکي ٿو ۽ 1958 کان ڪراچي پريس ڪلب آزادي صحافت ۽ جمهوريت جو علمبردار آهي ۽ مظلومن ۽ محرومن جي آواز بڻجي رهيو آهي، پريس ڪلب جا رستا بند ڪرڻ، انفرادي يا گڏيل طور تي احتجاج ڪرڻ جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي اسان مڪمل طور تي مذمت ڪريون ٿا. انتظاميا جو هي عمل آمريت جي دور جو عڪس آهي. هنن سنڌ حڪومت کان فوري طور تي ڪراچي پريس ڪلب جي رستن جي بار بار بندش جو نوٽيس وٺڻ ۽ انتظاميا ۽ پوليس جي هن روئي جي فوري تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.