اسٽيبلشمينٽ کي هر شعبي مان پنهنجي بالادستي ختم ڪرڻ گهرجي:فضل الرحمان

اسلام آباد( بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي صدر ميان محمد رئوف عطا جي، جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هن اتفاق ڪيو ته بلوچستان جي بگڙيل صورتحال تي وسيع بنياد تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، سپريم ڪورٽ بار جي پڌرائي موجب ملاقات ۾ جي يو آءِ ف بلوچستان جو صوبائي امير سينيٽر مولانا عبدالواسع ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ مير يونس عزيز زهري به موجود هئا،ملاقات ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر مير عطاءُ الله لانگو پڻ موجود هو،اها ملاقات سينيٽر مولانا عبدالواسع جي رهائشگاهه تي ٿي، ملاقات ۾ صوبي جي امن امان جي خراب صورتحال سميت ٻين مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون، مولانا فضل الرحمان بلوچستان ۽ سڄي ملڪ ۾ امن امان جي موجوده صورتحال تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو،هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي هر شعبي مان پنهنجي بالادستي ختم ڪرڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان تڪرارن جي حل لاءِ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو ۽ بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.