ڪراچي/ حيدرآباد (رپورٽر) پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ سان ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جدوجهد جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ سميت اين اي 213 عمرڪوٽ ۾ ضمني چونڊن تي به ويچاريو ويو. ان موقعي تي حليم عادل شيخ چيو ته تڪراري ڪئنالن جي معاملي تي پيپلزپارٽي عوام کي بي وقوف بڻائي رهي آهي، سندن احتجاج رڳو عوامي رد عمل کان بچڻ لاءِ آهي. هن چيو ته پ پ سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪري هاڻي واڳون جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، پي ٽي آءِ سنڌ جي عوام سان گڏ آهي ۽ گڏجي جدوجهد ڪنداسين. ان موقعي تي سيد زين شاهه چيو ته ڪئنالن تي ڪ جاري آهي، پ پ عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ جي پاڻي جو سودو ڪري سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي.هوڏانهن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته ڪينالن خلاف پ پ سنڌ جو احتجاج آصف علي زرداري تي پارٽي جو عدم اعتماد آهي. جونيئر ذوالفقار ڀٽو وقتائتو احتجاج شروع ڪيو آهي. اسين کيس سپورٽ ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن حيدرآباد جي نسيم نگر تي قائم ڪئنالن خلاف پي ٽي آءِ جي دستخطي ڪئمپ تي ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عيد تائين سمورين هم خيال ڌرين سان صلاح مشورا ڪري عيد کان پوءِ فيصلو ڪبو ته ڪينالن خلاف ڪيتري سگهارو تحريڪ هلائجي. هن چيو ته چولستان ڪئنال جي ٺيڪيدار ڪمپني سڀني کان طاقتور آهي، ان کي گهر ويٺي بل ملي ويندا. ان ڪري هن فنڊز جاري ٿيڻ کان اڳ ئي سائيٽ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي جونئير وقتائتو احتجاج شروع ڪيو آهي، کيس سپورٽ ڪريون ٿا.