ايف آءِ اي جو فرحان ملڪ جي آفيس تي ڇاپو، ڪمپيوٽر ۽ يو ايس بي ضبط

ڪراچي(رپورٽر)ايف آءِ اي ڪراچي ۾ صحافي فرحان ملڪ جي آفيس تي ڇاپو هڻي سندس ڪمپيوٽر ۽ يو ايس بي ڊرائيو ضبط ڪري ورتو،آفيس انتظاميا موجب فرحان ملڪ جي آفيس تي ڇاپو معمولي جاچ نه پر پريس جي آزادي تي حملو آهي، هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس تسنيم سلطانه تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ حراست ۾ ورتل صحافي فرحان ملڪ تي ڪيس خارج ڪرڻ جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت ،ايس ايس پي اوڀر ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي ڌر ٺاهيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.