پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن تي سوديبازي نه ڪندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي ۽ ڪنهن به صورت ۾ تڪراري ڪئنالن جي تعمير جي اجازت نه ڏيندي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن  چيو ته پيپلز پارٽي صوبي جي پاڻي جي حقن جي محافظ آهي ۽ سنڌ جي عوام جي امنگن مطابق هر ان قدم جي خلاف بيٺي هوندي جيڪو صوبي جي وسيلن کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي واضح موقف اختيار ڪيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءُ يا مصلحت کي خاطر ۾ نه آندو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سنڌ حڪومت واضح پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به غير قانوني ڪئنال جي تعمير کي قبول نه ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي به ان حوالي سان قرارداد منظور ڪري ورتي آهي، جيڪا عوامي امنگن جي عڪاسي ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.