لاڙڪاڻو(بيورو) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت امين ۽ صادق ناهي رهي، سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري معاملي تي عوام سان نسورو ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهن، پر صدر زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ خطاب دوران وفاق کان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري سندن ڪوڙ کي وائکو ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن پ پ واقعي ڪئنالن واري مسئلي تي سنجيده آهي ته فوري طور وفاقي حڪومت کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ۽ صدر زرداري توڙي پنجاب، ڪي پي جا گورنر ۽ سينيٽ چيئرمين استعفى ڏين، بجلي،پيٽرول ۽ گيس جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ ظالماڻي ٽيڪسن ۽ مهانگائي خلاف جماعت اسلامي عيد کان پوءِ عوامي تحريڪ هلائيندي جنهن ۾ لانگ مارچ ۽ گورنر توڙي وزيراعلى هائوس ٻاهران ڌرڻا پڻ هنيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ لاڙڪاڻي جي صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪاشف سعيد شيخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حڪمرانن جي نااهلي ۽ غلط پاليسين جي ڪري سڄو ملڪ بدامني ۽ سنڌ ڌاڙيل راڄ جي وَر چڙهيل آهي،