ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين سردار اختر مينگل پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جناب زرداري ۽ شريف صاحب! آئون ڪڏهن به نه وساريندس ته جڏهن مريم نواز ۽ فريال ٽالپر کي سرعام گهليو ويو تڏهن اسين توهان سان گڏ هوندا هئاسين، ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ عزت سڀ کان پهرين آهي ۽ عورتن تي حملا اسان جي آخري حد آهي، اسان هميشه عورت جي عزت تي سياست کان مٿانهون ٿي ڪري فيصلا ڪيا آهن، پر اڄ اسان جون ڌيئرون رئي کانسواءِ گهليون پيون وڃن ۽ توهان نه صرف خاموش آهيو پر هن گناهه ۾ برابر جا شريڪ آهيو، آئون اهو سڀ ڪجهه وساري نه ٿوسگهان، هڪ هڪ بلوچ جو واعدو آهي.