ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي، ٽنڊو محمد خان ۾ هزارين ماڻهن ريلي ڪڍي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، تحريڪ انصاف، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جمعيت علما اسلام، جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ نيشنل پارٽي، سنڌ آبادگار اتحاد، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، سول سوسائٽي، شهري حلقن، وڪيلن، ادبين گڏيل طور شهر جي اسٽيشن روڊ الفتاح چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي وئي، جيڪا مختلف علائقن مان ٿيندي حيدرآباد بدين روڊ تي پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ آبادگار اتحاد جي پير اشفاق جان سرهندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، اقبال حاجاڻو، ڊاڪٽر پير خليل الله جان سرهندي ، عمران لغاري ، سيد بشير شاھ ، جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، گلشير ڪولاچي، پنهل جمالي، تحريڪ انصاف جي آفتاب نظاماڻي ، عبدالجبار ميمڻ ، غلام قادر ملاح، سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي، سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي مرڪزي اڳواڻ نبي بخش سٺيو، سول سوسائٽي جي پير احمد سعيد جان سرهندي، عبدالحفيظ سٺيو، وقار ميمڻ، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي ڊاڪٽر جي ايم گل، پير عاصم جان سرهندي، شوڪت بروهي، عوامي تحريڪ جي هرچند لال، قومي عوامي تحريڪ جي ونود ميگهواڙ، جمعيت علما اسلام جي منظور احمد، تحريڪ لبيڪ جي پير محمد علي جان سرهندي، سنڌ نيشنل پارٽي دودو هاليپوٽو، قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد هاليپوٽو، صوفي حامد سنڌي، ايڊووڪيٽ علي شير جانوري ۽ ٻين چيو ته سنڌو تي 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي 7 ڪروڙ عوام جو قتل آهي، جنهن ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين کي بنجر بڻائي هڪ صوبي جي ريگستان واري بنجر زمين کي آباد ڪرڻ واري سازش دنيا جي عالمي قانون جي ابتڙ آهي، جنهن جو گڏيل قومن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، وفاق کي پنهنجي ڪيل غلط فيصلي کي واپس وٺڻ گهرجي، ڪئنالن جو ڪم فوري طور بند ڪرڻ گهرجي، نوابشاهه ۾ جي ڊبليو سي ۽ نوابشاهه جي صحافين جي سڏ تي ھزارين ماڻھن ريلي ڪڍي، جنهن جي اڳواڻي ذوالفقار علي خاصخيلي، صوفي راڳي مانجھي فقير ۽ ٻين ڪئي، ريلي سڪرنڊ روڊ پراڻي ناڪي کان ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي، جتي ڌرڻو ھڻي غير قانوني ڪئنالن خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي کي ذوالفقار علي خاصخيلي، مانجھي فقير، شعبان ماٽي، سيد ناصر شاھ، رفيق ملاح، زين ڀٽو، بابر مغيري، امير علي مغيري، عبدالستار ڏاھري، مولانا محمد عالم مري، مولانا احمد جمالي، عبدالحفيظ کوسو، مختيار رند، بخشل باغي، خوشبو لنڊ، رابيعه ڏاھري، اصغر بابو رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏھن وفاق سنڌ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد نه ڪيو ويو ته سنڌ سخت مزاحمت ڪندي، عمرڪوٽ جي شھر ٽالھي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، زاھد گل اوٺو، انور نوحاڻي، گنگا ڪولھي، نيلان ڪولھي، حيدر ڀٽي، تاج ڀٽي، لالجي پرمار، پيربخش گشڪوري، سوجي ڪولھي، سرويج اوٺو، مھرو مل، سڄڻ ڪولھي، مانسنگھه ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونين ڪائونسل آفيس کان پيادل مارچ ڪيو ويو، جنهن ۾ ھزارين ماڻھو شريڪ ھئا، عورتن جي ھٿن ۾ ڏانٽا کنيل ھئا، جلسي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿي ويا آھن، ڪنھن به قيمت تي درياهه تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين، جھوڪ شريف ۾ قومي عوامي تحريڪ سجاول ضلعي پاران سنڌو درياهھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، پنھل سولنگي، زين سومرو، غلام حسين سولنگي، مجيد چانگ، غلام رسول سولنگي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن صوفي شاھ عنايت شهيد جي مزار کان پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ جھوڪ شريف پھچي ڌرڻو هنيو، احتجاج ۾ تحريڪ انصاف ضلعي سجاول جي اڳواڻ ذوالفقار جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياههءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان لاڙ پٽي سجاول، بدين، ٺٽو ضلعن کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ سڄي سنڌ سڪي تباھه ٿي ويندي، ٻي طرف ڪنڊيارو پوليس ڪئنالن خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻي هڻڻ جو ڪيس جسقم ۽ جسمم جي 3 سڃاتلن جنهن ۾ شڪيل پٽ ارشد علي منگي، عذير پٽ درياهه خان گهانگهرو ۽ محسن پٽ نامعلوم جتوئي ۽ ڏهن نامعلومن تي داخل ڪيو آهي، ايس آءِ بخت علي ڪلهوڙي جي مدعيت ۾ داخل ڪيس 81/2025 ۾ دھشتگردي ۽ حڪومت مخالف نعرا هڻڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن، ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انهن پارٽين جا ڪارڪن ملڪ ۽ حڪومت خلاف نعرا هڻي قومي شاهراهه تي گاڏين ۽ مسافرن کي نقصان پهچائي رهيا هئا.