ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف عوام مسلسل روڊن تي آهي،وفاقي سرڪار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه!خبر موجب ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ،ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇهه نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪڙيو گهنور ۾ نظاماڻي پمپ کان شھيد فاضل راھو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي رابطا سيڪريٽري لال جروار، ضلعي صدر مھراڻ درس، جاکرو نوحاڻي، ھميرو مل،امام الدين نظاماڻي، نور احمد نظاماڻي،سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زرقا ھاليپوٽي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن جي حمايت ڪري سنڌي جي زمينن، وسيلن ۽ سنڌو درياهه جو سودو ڪيو آهي. ڪئنال مسئلي تي پيپلز پارٽي جو احتجاج جو اعلان، ڍونگ ۽ فراڊ آهي، پيپلز پارٽي واڳون وارا ڳوڙها ڳارهي سنڌي عوام کي گمراهه ڪري رهي آهي، هنن چيو ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار چولستان ڪئنال خلاف آهي ته 8 مهينا اڳ ئي سخت موقف اختيار ڇو ڪونه ڪيو، سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي جي احتجاجن ۾ شرڪت نه ڪندو، هوڏانهن عوامي ورڪرز پارٽي ڪراچي پاران پاڻيءَ جي عالمي ڏينهن تي سنڌو درياءَ مان ڪينال ڪڍڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان فيض ملاڻو، حاجره، عمران علي، صدف ٿلهو، بگن چانڊيو ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويوعوامي ورڪرز پارٽي ضلعي ميرپورخاص پاران علي حسن، جنيد لغاري، واجد لغاري، اويس مري، يوسف رند جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،سکر ۾عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ضياءّ ڀٽي، نبن ساکاڻي، حڪيم زنگيجي، ستار زنگيجي، جاڳرتا فورم جي چيئرمين ڊاڪٽر غلام رسول گھمري، ڊاڪٽر ذبيع الله جتوئي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سکر ڊويزن جي صدر محمد علي شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته اھڙين رٿاين تان ھٿ نه کينو ويو ته ملڪ جي وفاق کي خطرو پيدا ٿي پوندو قاضي احمد ۾ عوامي ورڪرس پارٽي پاران ھاري پورھيت ڪميٽي سنڌ جي صدر فيض ڪيريو ، عوامي ورڪرس پارٽي ضلعي نواب شاھ جي اڳواڻ خالد سولنگي ، احمد خيام ، رشيد کوسو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اسلام ڪوٽ ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران مارچ، معصوم شاگردن جي ريلي،2 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو،مرسون مرسون سنڌوءَ نه ڏيسون جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، ريلي کي خطاب ڪندي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڪبير ڀيل سجاڳ ٻار تحريڪ ضلعي صدر دليپ ڪمار ڀيل،عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سائين دولت رام ايس ايس ٽي ضلعي صدر نارائڻ سنڌي، لکميچند ڀيل،نمرو مل، آنند ميگھواڙ، مھاديو،آسن ڪولھي، وشنداس ڀيل،۽ ٻين چيو ته اڄ پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پوري دنيا جا ملڪ پاڻي جا عالمي ڏينهن ملھائي رھيا آھن ۽ اسين پنھنجي دريا کي بچائڻ لاءِ روڊن تي احتجاج پيا ڪريون ڊگهڙي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران ثقافت جروار، هالار جروار،ايان جروار،زارا جروار، هشمت جروار، صنعان جروار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،حيدرآباد ۾سجاڳ ٻار تحريڪ پاران احتجاج ڪيو ويو، مرڪزي صدر فاضل کوسو،سرمد خاصخيلي، شعيب ڀٽو، سوھان پليجو، امجد ٽالپر، مجيب رانٽو ۽ ٻين چيو ته پ پ جي غدار وڏيرن اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جو پاڻي به وڪرو ڪري ڇڏيو آهي. ڊيلٽا ۾ تمر جي ٻيلن سميت سنڌو درياھ جي ٻنھي ڪنڌين تي آباد ٻيلن کي تباھ ڪري ماحول دشمني ڪئي وئي آهي مڪلي ۾ سُجاڳ ٻار تحريڪ ٺٽي پاران حميد خشڪ، مالڪ چانڊيو، شاڪر بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪري احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ۾ عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر رزاق چانڊيو، گھنور خان زئور، ڊاڪٽر مارو خشڪ سميت سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن شرڪت ڪئي،هوڏانهن سنڌ ڪلچرل فورم سنڌ پاران سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف 22 آر ڊي کان ڇتوچنڊ 5 ڪلوميٽرن تائين چيئرمين صادق لاکو، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ممتاز شيخ، سماجي اڳواڻ منير ميمڻ، غلام نبي زئور، تعليمدان غلام مصطفيٰ چارڻ، آبادگار اڳواڻن شريف جاکرو، حنيف سومرو، چنيسر جاکرو، ڪامريڊ علي محمد بروھي، سانوڻ بُرفت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيادل ريلي ڪڍي ٺٽو حيدرآباد قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ريلي ۾ ھارين، آبادگارن، پورھيتن، سياسي، سماجي اڳواڻن، ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جيڪي ”جيستائين سنڌو ۾ واري رھندي، جنگ اسان جي جاري رھندي“، ” ڪئنال سمورا نامنظور“ جھڙا زوردار نعرا ھڻي رھيا ھئا. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺھڻ کان پھرئين ئي لاڙ پٽيء جي بدين، سجاول ۽ ٺٽو ضلعن کي پنهنجي حصي جو پاڻي ميسر نٿو ٿئي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه پيو ڇوڙ ڪيو وڃي جنھن ڪري سامونڊي پاڻي لکين ايڪڙ زمينون، شھر ۽ سوين ڳوٺ پنھنجي کاري پاڻيء جي لپيٽ ۾ آڻي انھن کي صفحي ھستيءَ تان مٽائي ڇڏيو آھي جنھن ڪري ڊيلٽائي زندگي مڪمل طرح تباھ ۽ برباد ٿيندي پئي وڃي ٻئي پاسي غلام الله ويجھو سنڌو درياءَ تي ڇھ ڪئنالن جي اڏاوت خلاف رانديگرن، سماجي اڳواڻن، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن پاران مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج جي اڳواڻي بخاري اسٽار ڪلب جي ڪئپٽن هوش محمد جاکرو، مخدوم هاشم اليون، غلام شاهه ڪلب جي رفيق رند، الشاهين ڪلب جي ولي داد مري، ڊي جي اليون جي گلزار بلوچ، سماجي اڳواڻ قادر بخش ميمڻ، جاويد حسين ناهيو، عارف کٽي، خادم رند، محمد علي رند ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته "گرين پاڪستان انيشيئٽو” جي نالي ۾ سنڌوءَ تي نوان ڪئنال ٺاهي وفاق سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو هڻڻ چاهي ٿوهوڏانهن مٺي ۾ ٿر سٽيزن فورم پاران نيشنل بينڪ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو ڌرڻي کي خطاب ڪندي ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو ،ارباب احسان ،ارباب عمران اعجاز بجير ،گهنشام مالهي،شاهنواز هنڱورجو ، ماما وشن ٿري،چيتن ڀيل ،عظميٰ ابڙينگ،حنيف بجير،قربان سميجو ۽ ٻين چيو ته سنڌوء تان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر بنجي ويندي ڳڙهي حسن ۾ سنڌ هاري اتحاد جي سڏ تي ڳڙهي حسن ۾ مرڪزي اڳوڻ محمد حسن کوسو غلام رباني احمد ڪنراڻي. ۽ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ گل محمد کوسو عمرقن کوسو دادن سرڪي حاجي عبدالرزاق ڪنراڻي ۽ سنڌ ادبي سنگت جي ڳڙھي حسن جو سيڪريٽري مير حسن مير عامر علي آس ديدار علي لاشاري گل محمد کوسو خادم ڪنراڻي نفيس سومرو عبدالحڪيم دايو شھيد شيخ ڪامريڊ بشير سرڪي ڪامريڊ برڪت لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون لاڙڪاڻي ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن ۽ ٻارڙين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي “سنڌ جي ٿيندي ريگستان ڪيئن ھي ھلندو پاڪستان”؟ “درياهه خاطر جھيڙو آ” جھڙا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھنيا. ان موقعي تي مظاهري کي اريبا ڪلھوڙو، شھزادي ڪلھوڙو، ڪامريڊ ڪنول، ڪامريڊ اطھر، جواد، سمييا ڪلھوڙو، منصور وڪو، تبسم وڪو، جنيد، نيلم ڪلھوڙو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي سوداگر بڻجي چڪي آهي جنهن سمورا وسيلا تين وال ڪري ڇڏيا آهن ۽ ھڪ طرف پيپلزپارٽي جا ايم پي ايز، ايم اين ايز مسلسل سنڌي عوام سان ڪوڙ ڳالھائي گمراهه ڪري رھيا آهن ته ڪئنال ڪو نه پيا ٺھن ته وري ٻي پاسي جھموريت جا بکيا اڊيڙيندي عوام کي احتجاجن ڪجهه ڳالھائڻ تي پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن. ملير ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ پاران گلشن حديد ۾ ريلي ڪڍي وئي ڀورل لال، ذوهيب ڪلمتي، عزير لانگاھ، پرهه سومرو خطاب ڪيو