اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ارٿ اور ۽ پاڻي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغامن ۾ چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري سان توانائي جي تحفظ، ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي قدمن جي عزم کي ٻيهر ورجائي ٿو، ارٿ اور تي غير ضروري لائٽون بند ڪرڻ توانائي جي استعمال ۽ ڪاربان فٽ پرنٽ گهٽ ڪرڻ جي عزم جي علامت آهي، صدر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ ان لاءِ فوري قدمن جي ضرورت آهي، صاف ۽ پيئڻ لائق محفوظ پاڻي جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان سڀ کان وڌيڪ آبهوا جي خطري کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اسان تباهڪُن ٻوڏن، شديد گرمي ۽ ڏڪارن جو مشاهدو ڪيو آهي.