1940 واري ٺهراءُ جي تقاضا

اڄ 1940 واري ٺهراءُ  کي پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1940  تي مسلمانن ڀارت کان ڌار ٿيڻ لاءِ نئين ملڪ  ٺاهڻ لاءِ جيڪو خاڪو پيش ڪيو هو تنهن جو ڏينهن آهي. هن ڏينهن جي اهميت ۽ ضرورت خاص ڪري پاڪستان جي واڳ ڌڻين کي ته جيڪر گهڻي محسوس ڪرڻ گهرجي. اها به حقيقت آهي ته پاڪستان اندر جڏهن به سياسي بحران ايندو آهي ته پاڻ کي 1940 واري قرار داد ياد ايندي آهي.

اسان سمجهندا آهيون ته هن ملڪ جو روح ئي 1940 واري قرار داد آهي ۽ هن جو ملڪ کي ان روح تحت هلائجي ته جيڪر هن ملڪ نظام ئي درست ٿي وڃي پر اها هن ملڪ جي ڪيڏي نه وڏي بدقسمتي آهي ته جنهن قرارداد تحت نئين ملڪ جو ننڍي کنڊ جي مسلمانن مطالبو ڪيو هو تنهن کي هن ملڪ جو آئين بڻائڻ بدران ان کي تاريخ جي ڪٻاڙ خاني ۾ ڦٽو ڪيو ويو  آهي. هاڻي رڳو 1940 واري ٺهراءُ جي تاريخ کي قومي ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو آهي پر ان ٺهراءُ تي عمل نه ڪيو ويندو آهي جنهن کي اسان ملڪ جي تباهي جو بنياد سمجهندا آهيون.

1940 واري ٺهراءُ  سان به وڏو مذاق ٿيو آهي. ان تي هڪڙا غير جانبدار تاريخدان ۽ دانشور ئي صحيح روشني وجهندا رهيا آهن ۽ لکندا به رهيا آهن. ڪن تاريخدانن جو چوڻ آهي ته 1940 واري ٺهراءُ ۾  قومي رياستن جو خاڪو ڏنل هو يعني صوبن کي قومي خودمختياري مليل آهي. پر اڳتي هلي ان ٺهراءُ ۾ ”قومي لفظ ڪڍي“  ”صوبائي“ ڪيو ويو يعني قومي خودمختياري کي صوبائي  خود مختياري بڻايو ويو، ائين 1940 واري ٺهراءُ  سان پهرين هٿ چراند ڪئي وئي ۽ ان هٿ چراند سبب سائين جي ايم سيد سيمت ڪيترائي پاڪستان جا بانيڪار هٿ ڪڍي ويا ۽ عليحدگي پسند ٿي ويا ۽ پوءِ  انهن سڄي ڄمار دانهون پئي ڪيون ته ملڪ جي اصل ٺهراءُ  کي ئي پٺي ڏني وئي آهي. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ائين قومن ۽ قومي ٻولين کي به اڳتي هلي نظرانداز ڪيو ويو ان جي شروعات ون يونٽ مڙهي ڪئي وئي جنهن نتيجي ۾ بنگال صوبو ڌار ٿي ويو.

هن ملڪ جي اها به بدقسمتي آهي ته جن ماڻهن ۽ ڌرين هر دور ۾ 1940 واري ٺهراءُ  جي حمايت ڪئي ۽ ان ٺهراءُ  تحت ملڪ کي هلائڻ جي جدوجهد ڪئي تن کي هتي غدار ۽ ملڪ دشمن چيو ويو ۽ جن ماڻهن ۽ ڌرين 1940  واري ٺهراءُ کي پٺي ڏني تن کي وري ملڪ جو اصل خير خواهه سمجهيو ويو. جڏهن ته ملڪ جي اصل حامين جو اهو خيال آهي ته هن ملڪ جو روح ئي 1940 وارو ٺهراءُ  آهي، ان تحت ملڪ کي هلايو وڃي ها ته نه بنگال ڌار ٿئي ها نه ئي صوبن ۾ عليحدگي جون تحريڪون هلن ها ڇاڪاڻ ته قومي  خودمختياري سان ويتر وفاق مضبوط ٿئي ها پر هتي قومي خودمختياري کان ڄڻ ته خوف کاڌو ويو جڏهن ته ڏسجي ته ڀارت ۾ به قومي رياستون آهن انهن سان ته ڀارت جو وفاقي ڍانچو  ڪمزور نه ٿيو نه ئي وفاق جي سلامتي کي ڌڪ رسيو.  ڀارت ۾ ته 1967 ۾ ئي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻايو ويو پر هتي قومي ٻولين کي به مادري ٻوليون بڻائڻ کان لهرايو پيو وڃي.

وري جڏهن اڳتي هلي هن ملڪ کي ذوالفقار علي ڀُٽي  1973  جو متفقه آئين ڏنو ته ان سان ڇا ورتاءُ ڪيو ويو. حقيقت ته اها آهي ته هن ملڪ کي موجوده 1973 جي آئين جي روح مطابق به هلائڻ کان گهٻرايو پيو وڃي. صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ان تي به اعتراض ڪيو ٿو وڃي. پ پ جي زرداري حڪومت 18 هين ترميم آندي ۽  صوبن کي ڪجهه خودمختياري ڏني ته اها به نام نهاد وفاق پرستن کي اکين ۾ ڪنڊو لڳي. هاڻي به نام نهاد وفاق پرستن جو زور آهي ته اها ترميم ختم ڪرائي وڃي.

اسان جو خيال آهي ته هاڻي به موقعو آهي ته ملڪ کي 1940 واري ٺهراءُ جي روح تحت هلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي جنهن سان ئي ملڪ جا سڀ مسئلا ۽ بحران توڙي عليحدگي جون تحريڪون ختم ٿي سگهن ٿيون. اسان کي ڪن معاملن کي نظرياتي طور به ڏسڻ گهرجي. هر مسئلي جو حل طاقت ناهي هوندو پر  اسان جو سڄو زور سختين ۽ طاقتن تي هوندو آهي جنهن ڪري غير جمهوري رويا اختيار ڪرڻا پوندا آهن ۽ آئين کان مٿانهيون ڪارروايون ڪرڻيون پونديون آهن.  جڏهن ته ملڪي مسئلن ۽ بحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ نظرياتي ۽ سياسي رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، ڊائيلاگ جي ٽيبل تي اچڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته 1940 وارو ٺهراءُ  ۽ ان کي هر سال قومي ڏينهن طور ياد ڪرڻ جي تقاضا اها آهي ته ان ٺهراءُ کي رڳو ياد نه ڪيو وڃي پر ان  جي روح تي عمل ڪيو وڃي ۽ ايئن ملڪ جي بنياد کي وري نئين سري سان مضبوط ڪري ملڪ  کي ايئن ئي جوش، جذبي ۽ ولولي سان هلائي سگهجي ٿو. جيئن 23 مارچ 1940  واري ڏينهن کي هر سال روايتي طور تي قومي جوش ۽ جذبي تحت ملهايو ويندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.