علي سيٺيءَ جي ماءُ پٽ جي مشهور گيت” پسوڙي“ تي منڌيئڙو ڦيرائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار علي سيٺي جو جڳ مشهور گيت ”پسوڙي“ سندس ماءُ کي بلڪل پسند نه آيو.
علي سيٺي ۽ شي گل جي آواز ۾ ڳايل هي پنجابي گيت 2022ع جو چارٽ بسٽر گيت هو، جنهن سڄي دنيا ۾ نوان رڪارڊ قائم ڪيا، پر علي سيٺي جي ماءُ جگنو محسن هن گيت کي ناپسنديده قرار ڏنو.
هڪ وڊيو ۾ هن چيو ته ”مون کي پسوڙي پسند نه آهي، جڏهن ته هي گيت هاڻي بلين ويوز حاصل ڪري چڪو آهي. “
سندس چوڻ هو ته “ عليءَ کي به چئي ڇڏيو آهي ته سندس گيت نه ٿو وڻي، مون کي پنجابي راڳ ۽ غزل پسند آهن.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ” عليءَ جي ڄمڻ کان اڳ مان پنجابي راڳ ۽ ڪلاسيڪي ميوزڪ گهڻو ٻڌندي هيس، گهر ۾ ٻارن سان ستن سالن جي عمر تائين پنجابي ۾ ڳالهائيندي هيس، پنجابي جا ڍولا ۽ ماهيه پسند آهن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.