پاڻي جي کوٽ، صدر آصف علي زرداري وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته توانائي ۽ پاڻي جو تحفظ ملڪ جي مستقبل لاءِ اڻٽر آهي، ماحولياتي تبديلين جا اثر سنگين ٿيندا پيا وڃن، پائيدار ترقي لاءِ ترقي ۽ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا.
ارٿ آور ۽ پاڻي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته توانائي جي تحفظ، ماحولياتي استحڪام ۽ ماحولياتي قدمن جي عزم جي تجديد وقت جي ضرورت آهي، غير ضروري لائٽس بند ڪرڻ توانائي جي بچت ۽ ڪاربن خارج ٿيڻ ۾ گهٽتائي جي عزم جي علامت آهي.
هن چيو ته ٻارڻ جي وڌندڙ اگهن سان معيشت ۽ ماحول کي شديد خطرا آهن، محفوظ مستقبل لاءِ بجلي ۽ ٻارڻ جي بچت سان گڏ نئين توانائي کي هٿي ڏيڻ به اڻٽر آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو آهي، جنهن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کڻڻا پوندا.
آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ آبي ذخيرن جي تحفظ، پائيدار زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ، ڊرپ ايريگيشن سسٽم، برسات جو پاڻي محفوظ ڪرڻ ۽ پاڻي ضايع ٿيڻ کان روڪڻ تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.