سنڌ ۾ ارڙيءَ وگهي ٻن مهينن ۾ 17 ٻار لاڏاڻو ڪري ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته صوبي ۾ ٻن مهينن دوران ارڙي وگهي 17 ٻار لاڏاڻو ڪري ويا.
صحت کاتي طرفان ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ پهرين جنوري کان 8 مارچ تائين ارڙي سان 1100 کان وڌيڪ ٻار متاثر ٿيا، جن مان 17 ٻار زندگي جي جنگ هارائي ويا.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ارڙي جي پکيڙ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ کي ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا نه لڳرائڻ آهي.
طبي ماهرن موجب ارڙي جي علامتن ۾ نزلو، زڪام، کنگهه ۽ خارش شامل آهن، اها بيماري مدافعتي قوت کي متاثر ڪندي آهي ۽ موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.