لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي وزارت عيدالفطر جي موقعي تي اسپيشل ٽرينن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ريلويز عيدالفطر جي موقعي تي 5 اسپيشل ٽرينن جو شيڊيول جاري ڪيو آهي.
پهرين عيد اسپيشل ٽرين 26 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ حيدرآباد، روهڙي، ملتان ۽ ساهيوال رستي ايندڙ ڏينهن لاهور پهچندي.
ٻي عيد اسپيشل ٽرين 26 مارچ تي ڪوئيٽا کان پشاور ڪينٽ لاءِ رواني ٿيندي، 11 بوگين تي ٻڌل اها ٽرين ملتان ۽ ساهيوال رستي سفر ڪندي پشاور پهچندي.
ٽرين عيد اسپيشل ٽرين 27 مارچ تي لاهور کان ڪراچي لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ خانيوال، ملتان، ساهيوال ۽ روهڙي رستي ڪراچي پهچندي.
چوٿين عيد اسپيشل ٽرين 27 مارچ تي ڪراچي سٽي اسٽيشن کان راولپنڊي لاءِ رواني ٿيندي، جيڪا 14 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ فيصل آباد، سرگوڌا، لالا موسيٰ کان ٿيندي راولپنڊي پهچندي.
پنجين عيد اسپيشل ٽرين 28 مارچ تي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کان لاهور لاءِ رواني ٿيندي، اها ٽرين 16 بوگين تي ٻڌل هوندي ۽ ملتان، فيصل آباد رستي لاهور پهچندي.
سموريون ريل گاڏيون اڪانومي ڪلاس، اي سي بزنس ۽ اي سي اسٽينڊرڊ ڪلاس جي بوگين تي ٻڌل هونديون، جڏهن ته مسافرن جي اڳواٽ بڪنگ جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي.
You might also like