پشاور (بيورو+م ڊ)پشاور هاءِ ڪورٽ فوجي عدالتن جي سزا خلاف داخل 29 درخواستون رد ڪري ڇڏيون، پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن جي سزائن خلاف داخل 29 درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواستگذارن جا وڪيل ايڊيشنل اٽارني جنرل ثناءُ الله ۽ جڊيشل اسسٽنٽ شمائل احمد بٽ پيش ٿيا، درخواستگذارن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته گرفتار جوابدارن سزائون پوريون ڪري ورتيون آهن پر کين آزاد نه ڪيو پيو وڃي جڏهن ته قانون موجب حراست ۾ گذاريل عرصو به قيد ۾ شمار ٿئي ٿو،ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته فوجي عدالتن ۾خاص قانون تحت سزائون ڏنيون وينديون آهن، جنهن ۾ 382 بي جو فائدو ناهي ڏنو ويو، گرفتار جوابدار دهشتگرد آهن ۽ ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، هن چيو ته درخواستگذارن کي آرمي ايڪٽ تحت سزائون ڏنيون ويون آهن، سزا جي ڳڻپ صحيح واري ڏينهن کان ٿيندي،دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت مختصر فيصلو ٻڌائيندي سمورين 29 درخواستن کي رد ڪري ڇڏيو.