لاهور ( بيورو+م ڊ) پاڪستان ريلوي عيدالفطر جي موقعي تي مسافرن جي سهولت لاءِ ڀاڙن ۾ رعايت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ريلوي هر سال عيد جي موقعي تي اسپيشل ٽرينون هلائڻ ۽ ڀاڙن ۾ رعايت جو اعلان ڪيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هن ڀيري عيدالفطر تي ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو رعايت جو اعلان ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن ميل، ايڪسپريس ۽ انٽر سٽي ٽرينن تي خاص رعايت هوندي، ڀاڙن ۾ خاص رعايت صرف عيد الفطر جي ٽن ڏينهن لاءِ هوندي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڀاڙن ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ايڊوانس بڪنگ تي به لاڳو ڪئي ويندي پر عيد اسپيشل ٽرينن تي نه هوندي، پاڪستان ريلوي سمورن بڪنگ آفيسن کي ڀاڙا گهٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي.