اسٽيبلشمينٽ سنڌ مخالف فيصلا بند ڪري، پ پ ڪئنالن جو فيصلو واپس وٺرائي يا حڪومت کان ڌار ٿئي: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي سياستدانن، دانشورن ۽ صحافين صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي  سربراهه آصف علي زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ۽ سندس پارٽي سنڌ جي عوام سان مخلص ۽ سنڌو  درياءَ مان پاڻي چوري جي خلاف آهي ته فوري طور ارسا ايڪٽ ۾ ترميم، چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ کي سڪائڻ لاءِ 6 ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو واپس وٺي يا وفاقي حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪن . پنجاب حڪومت وانگر سنڌ حڪومت به سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ کي ڏيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي ۽ وفاقي حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ پاران سنڌ مخالف فيصلا بند ڪري ملڪ کي نقصان ڏيڻ واريون پاليسيون ختم ڪيون وڃن.  اها ڳالهه ڪالهه  سنڌي پٽيشن فورم پاران "سيو انڊس سيو سنڌ” جي عنوان ھيٺ ڪوٺايل انڊس بچايو سنڌ بچايو جي عنوان تي ڪانفرنس ۾ شريڪ مقررن خطاب ڪندي ڪئي.آهي. هنن چيو ته سنڌوءَ تي ڪئنال ٺھيا ۽ سنڌ سڪي ته پوءِ سنڌ اسلام آباد سان گڏ نه ھلي سگھندي. افسوس جو وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن رياستي طاقت وسيلي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جھڙو غير آئيني ادارو جوڙي گرين پاڪستان انيشيئٽوز جي نالي ۾ لکين ايڪڙ چولستان جي ريگستاني زمين آباد ڪرڻ لاءِ چولستان ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي رٿا شروع ڪري سنڌو درياهه تي سنڌ جي قانوني ۽ آئيني حق کي تسليم نه ڪرڻ ۽ سنڌ جي ڇھھ ڪروڙ ماڻھن جو معاشي قتل عام ڪرڻ برابر آھي.پاڪ آمريڪن ڪلچرل سينٽر (پي اي سي سي) ۾ ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته سنڌو درياءُ جي بقا لاءِ  ھر طبقي مان مختلف جدوجهدون ھلن پيون سنڌ مان طاقتور پيغام ويو آھي. عوامي آواز کي سوڀارو ڪرائڻو آھي. ھن چيو ته پاڻ وٽ ھاڻي نقلي به داخل ٿي ويا آھن پھريان انھن کي گھرجي ته اھي وڃي فيصلو واپس وٺرائن. ھاڻي اھو فيصلو ٿي چڪو آھي ته ايندڙ اھم فيصلا  فوج کي ئي ڪرڻا آھن جيڪو ھڪ وڏو چئلينج آھي اھو وفاق جي تصور جي خلاف آھي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز ون جي پيڙھ جي پٿر ۲۰۱۰ ۾ رکيو ويو.سڀ ڪجھه ٺھيو پيو آھي ھاڻي ان تي عمل ٿيڻو آھي.اسان جا سياسي اڳواڻ ڪوڙ پيا ڳالهائين، جيڪو اسان ثابت ڪيو آھي ھاڻي سنڌ جي وڏي وزير کي استعيفي ڏيڻ گھرجي. ھن چيو ته صدر غير آئيني قدم کنيو آهي ان کي به استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوري کان سواءِ  آرمي چيف سي ايم پنجاب سان گڏجي گرين انيشيئٽوز رٿا جو افتتاح ڪيو آھي. ھن سنڌ پٽيشن فورم بابت ڳالھائيندي چيو ته ھن عوامي پٽيشن جو مقصد آھي واھڻ وستي وڃي عوامي سطح تي ٽن مھينن ۾ لکن ۽ ڪروڙن  جي تعداد ۾ ھن پٽيشن تي ماڻھن کان ووٽ وانگر صحيحون ۽ آڱوٺو ھڻائي دنيا آڏو پنھنجو فيصلو ريفرنڊم جي صورت ۾  ثابت ڪريون. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ درياهه لاءِ روڊن تي آھي. سنڌ جي عوام کي ۷۸ سالن کان ووٽ جي به آزادي ناھي.جي ايم سيد کان خان غفار خان تائين جن اڳواڻن پنھنجي عوام جي حقن جي ڳالھ ڪئي آھي انھن کي غداريءَ جو لقب ڏنو ويو آھي. ھن چيو ته اسٽيبلشممينٽ پنھنجو پاڪستان ڊزائن ڪيو آھي پر سنڌ جي جدوجھد وڌي آھي ھي ڇھه ڪئنال نه پر ڊيٿ ڪئنال آھن. ھن پٽيشن سميت سنڌ پرستن جي تحريڪ مقصد حاصل ڪرڻ تائين جاري رھندي.جي ڊي اي جي سڪريٽري جنرل سينيٽر صفدر عباسي چيو ته پاڻي جو مسئلو تمام پراڻو آھي.سنڌو پنھنجي تاريخي حيثيت رکي ٿو. ھي ندي شروع کان آخر تائين درياهه سنڌ آھي.ھن چيو ته ڪوٽڙي ھيٺ نو مھينا واري تي اڏري، ڪراچي حيدرآباد جي ماڻھن کي خبر ھئڻ گھرجي ته ۸۰ سيڪڙو پاڻي سنڌو مان پيو اچي زراعت ۽ شھر سڀ برداشت ڪندا.  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار جونيئر چيو ته مان سنڌ ۽ سنڌي عوام سان گڏ آھيان انھن سنڌين سان جيڪي ڪولھي، باگڙي، مھاڻا آھن. ھن چيو ته اسان جي سرڪار اسان کي درياهه کان الڳ ڪرڻ چاھي ٿي ھي اسان کي ھڪٻئي سان ويڙھائي الڳ ڪرڻ تي چاھي ٿي پر اھو ٿيڻ نه ڏينداسين. سرائيڪي ماڻھن کان زمين کسي لاھور اسلام آباد جي سيڙپڪارن کي ليز تي ڏني پئي وڃي.ھن چيو ته خاموش نه رھندا سون، درياهه ۽ ڌرتيءَ ماءُ لاءِ وڙھنداسون. قومي عوامي تحريڪ جي مظھر راھو جو  چيو ته زرداري ۽ شھباز شريف ٻڌائن ته سھي ته پاڪستان آھي ڪٿي؟ ڇا ڪا رياست پنھنجي عوام ۽ صوبي جو پاڻي بند ڪري سگھي ٿي؟ ھي سوچيل سمجهيل منصوبو آھي توھان صرف اسان کي سبق سيکارڻ چاھيو ٿا،ڇا ان جو ڪو عوامي ردعمل نه نڪرندو؟ گرين پاڪستان لاءِ سڀ کان پھريان ته توھان ڪرپشن ختم ڪريو پاڪستان گرين ٿي ويندو. اورلينڊ آمريڪا مان آن لائن ڳالهائيندي سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو چيو ته درياءُ نه رھيو ته سنڌ نه رھندي سنڌ  نه رھي ته سنڌي به نه رھندا، ھي اسان جي زندگيءَ جو مسئلو آھي.جي ھاڻي به ڪٺي نه ٿياسون ته پوءِ اسان کي جيئڻ جو به ڪو حق ناھي، ھن چيو ٻڌايو وڃي ته ان معاملي تي سانا ڪھڙو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي اسان ھر حال ۾ گڏ آھيون.ايس ٽي پي اڳواڻ حيدر شاھاڻي چيو ته درياءُ اسان سنڌين جو اڪيلو ڪمائيندڙ پٽ آھي جنھن کي زرداري ۽ وفاق قتل ڪرڻ چاھين ٿا.سيد نورالھديٰ شاھ چيو ته ڇا توھان اسرائيل بڻجي اسان کي فلسطيني بڻائيندئو. توھان جا درياهه ته ايوب وڪرو ڪيا.سنڌو سنڌ ۽ سنڌين جي بقا جو مسئلو ته آھي ئي پر پاڪستان جي بقاءَ جو به مسئلو آھي. جيڪڏهن زرداريءَ صحيح ڪئي آھي ته توھان صرف ٻن ڪرسين خاطر سنڌ کي وڪيو آھي. پ پ قيادت کي سمجھڻ گھرجي ته ھي مسئلو قدرت طرفان ته حل ٿي ويندو. پر ھي ھاري اٿي پوندو ۽ توھان جون پاڙون ڪٽيندو. پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته پنجاب ۽ وفاق سان گڏ زرداريءَ کي به نه وسارڻ گھرجي جنهن وٽ ارسا ايڪٽ صحيح لاءِ ويو دشمن کي به سمجھڻ گھرجي. هن چيو ته عارف علوي پنھنجي دور ۾ انڪار ڪيو. سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي شبلي فراز پاران قرارداد جمع ڪرائي وئي آھي ان کي ڳالھائڻ نه ڏنو ويو سينيٽ چيئرمين گيلاني ڪير آھي ؟ قومي اسيمبليءَ ۾ عمر ايوب جمع ٺھراءُ جمع ڪرايو.پنجاب اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبرن اھڙن ڪئنالن خلاف آواز اٿاريو.سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار مظھر عباس ڳالهائيندي چيو ته مان وفاق نه پر سنڌ جي حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي ٿو چوان  ته توھان سھولت ڪار ته آھيو ئي، جي توھان وفاق سان سھمت ناھيو ته پوءِ حمايت واپس وٺو! اھا ڪھڙي شيءَ آھي جيڪا پاڻي کان بغير ٿئي، ھي ڪور اشو آھي، ھن چيو ته قھر جڏھن ايندو آ ته اھو ناھي ڏسندو ته ڪھڙي زبان وارو متاثر ٿيندو. ڪراچي کي ردعمل ڏيڻ گھرجي؟ توھان ڪنھن زمين کي رت ۾ رنگي گرين پاڪستان نٿا ٺاھي سگھو.سنڌو بچايو تحريڪ مضبوط تحريڪ ثابت ٿي رھي آھي. پاڻي ماھر نصير ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته معاملو ڊيٽا ۽ آرگيومينٽ کان اڳتي وڌي ويو آھي. ھي درياهه جي نه پر تھذيب ۽ ڇھه ڪروڙ ماڻھن جي زندگيءَ جو معاملو آھي سنڌو ته لائيف آھي توھان انڊس کي مائنس ڪري سنڌ جي وجود کي ختم نٿا ڪري سگھو. ھن تفصيلي انگ اکر پيش ڪندي چيو ته ارسا کان گذريل سال سرٽيفڪيٽ ورتو ويو سنڌ جي ميمبر ھمت ڪئي انڪار ڪيو جس لھي.ان سرٽيفڪيٽ جي اھميت به ختم ٿي چڪي. چولستان کي پنج ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي ھتي ته پيئڻ جو پاڻي ناھي ته پوء توھان ھي پنچ ملين ايڪڙ فوٽ ڪٿان آڻيندا ؟ ھن چيو ته ڪراچي جو ۸۵٪ سيڪڙو پاڻي سنڌو مان پيو اچي تصور نٿا ڪري سگھو ته ڪراچي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو.ڪراچي واسين جي پاڻي جدوجهد کان لاتعلقي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ برابر ھوندو. ڪراچي واسين کي سمجھڻ گھرجي ته ھي رڳو ھاري جي جدوجھد ناھي.عبدالله شاھ غازي ڪيستائين توھان جي حفاظت ڪندو. وڪيل شھاب اوستو ڳالھائيندي چيو ته اسان جيسين گڏ نه ٿيندا سون تيسين اسان تي ورھايو ۽ حڪومت ڪيو کان ڪم  ورتو ويندو. پروفيسر سليم ميمڻ جو چوڻ ھيو ته سنڌ پٽيشن فورم شھاب اوستو جي اڳواڻي ۾ محدود دوستن تي ٻڌل فورم آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.