ڪراچي(رپورٽر) هيلٿ ڪيئر ڊيوائسز آف پاڪستان، پاڪستان ڪيمسٽ اينڊ ڊرگسٽس ايسوسيئيشن (پي سي ڊي اي) ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف پي سي سي آءِ) جي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ طبي اوزارن جي کوٽ شدت اختيار ڪري رهي آهي ۽ جيڪڏهن رجسٽريشن جي عمل کي فوري طور تي تيز نه ڪيو ويو ۽ طبي اوزارن جي سڀني قسمن ۽ طبقن جي رجسٽريشن جي آخري وقت ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته صحت جو وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ هيلٿ ڪيئر ڊيوائسز آف پاڪستان جي چيئرمين سيد عمر احمد ۽ ٻين اڳواڻن گڏجي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) ميڊيڪل ڊيوائسز جي امپورٽ رجسٽريشن لاءِ 31 ڊسمبر 2024 جي ڊيڊ لائن مقرر ڪئي هئي، پر هاڻ مارچ 2025 ۾ داخل ٿيڻ باوجود هزارين درخواستون رولڙي جو شڪار آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ ميڊيڪل ڊيوائسز جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي. هنن ٻڌايو ته لاھور ايئرپورٽ تي ميڊيڪل ڊيوائسز جي ڪيترين ئي شپمنٽس کي روڪيو ويو آهي، جنهن سبب نه رڳو ٻاهران سامان آڻيندڙن کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، پر مريضن جو علاج به متاثر ٿي رهيو آهي. انهن چيو ته حڪومت کي سڀني ميڊيڪل ڊيوائسز جي رجسٽريشن جي عمل کي فوري طور تي تيز ڪرڻ سان گڏ ڊيڊ لائن ۾ توسيع ڪرڻ گهرجي ته جيئن بحران وڌيڪ نه وڌي. هيلٿ ڪيئر ڊيوائسز آف پاڪستان جي ترجمان عدنان صديقي چيو ته پاڪستان ۾ نوي سيڪڙو ميڊيڪل ڊيوائسز ٻاهران اينديون آهن، جن ۾ سرجيڪل اوزار، ڊائيگنوسٽڪ مشينون، ايم آر آءِ، سي ٽي اسڪين، ڪارڊيڪ اسٽنٽ، ڊائلسز مشينون، ۽ ٻيون اهم طبي اوزار شامل آهن.