حضرت علي عليه السلام بهادري، حڪمت ۽ لازوال قربانين جو روشن باب

تحرير: سيما عباسي

جيئن جيئن مون پنهنجي شعور ۽ سمجهه آهر علم، ادب، تاريخ، مذهب ۽ قومن جي انقلابن کي پڙهڻ شروع ڪيو، تيئن تيئن منهنجي دل تي ڪن عالمي ۽ آفاقي شخصيتن جو تمام گهڻو اثر ٿيو. خاص طور تي جڏهن مون اعليٰ شخصيتن جي انفرادي توڙي اجتماعي زندگين جو مطالعو ڪيو ته انهن جي بهادري، فڪر، قربانين ۽ ڪردارن منهنجي ذهن تي گهري ڇاپ ڇڏ، پر انهن سڀني مان جيڪا هستي منهنجي روح تي سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿي، اها حضرت  محمد صلي الله وسلم جن کانپوءِ حضرت علي عليه السلام جي آهي. سندن شجاعت، بهادري، علمي فضيلت، فڪر جي عظمت ۽ قربانين جو ڪو ثاني نه آهي. مون جڏهن سندن زندگيءَ جا ورق ورائڻ شروع ڪيا ته سندن علم ۽ حلم مون لاءِ روشنيءَ جو مينار بڻجي ويو.

حضرت علي عليه السلام جي شجاعت ۽ جنگي مهارت.

حضرت علي عليه السلام جي بهادري جا مثال رڳو عام جنگين تائين محدود نه رهيا، پر هر جنگ ۾ سندن حڪمت، دانائي، ۽ فيصلا نه رڳو اسلامي فوج لاءِ فتح جو سبب بڻيا، پر جنگي حڪمت عمليءَ جي هڪ بي مثال تاريخ رقم ڪئي. جنگ بدر ، جڏهن اسلامي لشڪر تعداد ۾ گهٽ هو، حضرت علي عليه السلام پنهنجي بي مثل شجاعت سان ڪيترن ئي قريشي سردارن کي شڪست ڏني. جنگ احد ۾، جڏهن مسلمانن جو لشڪر سست ٿيو ته حضرت علي عليه السلام ثابت قدمي سان دشمن جي صفن کي چيري وڌو ۽ رسول الله ﷺ جي حفاظت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. جنگ خندق ۾، عرب جو مشهور جنگجو عمرو بن عبدوَد جڏهن مقابلي لاءِ آيو، تڏهن حضرت علي عليه السلام هڪ ئي وار سان کيس جھنم رسيد ڪيو، جنهن سبب دشمن فوج جو حوصلو ختم ٿي ويو. جنگ خيبر ۾، جڏهن مضبوط قلعي تي مسلمان قبضو نه ڪري سگهيا، حضرت علي عليه السلام نه فقط قلعي جو دروازو اکيڙي ڇڏيو، پر يهودي لشڪر جي طاقتور سپهه سالار مرحب کي به شڪست ڏني. سندن بهادري صرف انهن جنگين تائين محدود نه رهي، پر خلافت جي دور ۾ به سندن جنگي حڪمت ۽ اصولن جي اهميت برقرار رهي. جنگ صفين ۾، جڏهن امير معاويه جي لشڪر سان جنگ ٿي، حضرت علي عليه السلام رڳو تلوار تي ڀروسو نه ڪيو، پر عدل ۽ حق تي ٻڌل فيصلا به ڏنا، جيڪي اڄ به حڪمرانيءَ لاءِ هڪ مثال آهن. جنگ نهروان ۾، جڏهن خوارجن اسلام جي نالي تي بغاوت ڪئي، حضرت علي عليه السلام پنهنجي بهادري سان انهن کي شڪست ڏني، پر جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ به هو انصاف ۽ رحم جو مظاهرو ڪندا رهيا. انهن سڀني جنگين ۾، حضرت علي عليه السلام جو مقصد رڳو فتح حاصل ڪرڻ نه هو، پر اسلام کي بچائڻ، حق کي مٿانهون ڪرڻ ۽ عدل قائم رکڻ هو، جيڪو کين ٻين فاتحن کان منفرد بڻائي ٿو.

حضرت علي عليه السلام جي حڪمت، فڪر، ۽ عدل.

حضرت علي عليه السلام رڳو هڪ جنگي سورمو نه هئو، بلڪه هڪ مدبر حڪمران، هڪ بلند پايه  مفڪر، ۽ هڪ بي مثال منصف پڻ هئا. سندن حڪمرانيءَ جو بنياد انصاف، علم، ۽ تقوى تي هو.

  1. نهج البلاغه حڪمت جو خزانو

سندن خطبات، جيڪي "نهج البلاغه” جي نالي سان محفوظ آهن، سي اسلامي حڪمراني، سماجي انصاف ۽ شخصي اخلاق جي ڀرپور تصوير پيش ڪن ٿا. انهن ۾ فلسفو، نفسيات، سياست ۽ حڪمت سمايل آهي، جيڪي اڄ به عالمن، دانشورن، ۽ قانوندانن لاءِ رهنما آهن.

  1. عدل ۽ انصاف

حضرت علي عليه السلام جي خلافت دوران سندن سڀ کان وڏو اصول انصاف هو. هو چوندا هئا ته، "رياست ڪفر تي ته قائم رهي سگهي ٿي، پر ظلم تي نه.” هنن غريبن، محتاجن، ۽ عام ماڻهن جا حق برابر ڏنا ۽ ڪنهن کي به سندن عهد ۾ ظلم نه ڪرڻ ڏنائون.

  1. علم ۽ تعليم

حضرت علي عليه السلام جو مشهور قول آهي: "مون کان پڇو، جو مان آسمانن جي رستن کي ڌرتيءَ جي رستن کان وڌيڪ ڄاڻان سڃاڻان ٿو.” سندن علم جو ڪو انت نه هو. اسلامي فقه، فلسفو، تفسير، ۽ حديث ۾ سندن رهنمائي سدا روشن پئي رهندي آھي

  1. معاف ڪرڻ جي عظمت

سندن ذات جو عجيب ڪمال اهو هو ته هو دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيندا هئا.

  حضرت علي عليه السلام جي لازوال شخصيت

جيئن جيئن مون وڌيڪ تحقيق ڪئي، تيئن تيئن حضرت علي عليه السلام جي عظمت منهنجي دل ۾ وڌندي وئي. سندن بهادري، سندن علم، سندن تقوى، ۽ سندن عدل مون کي بيحد متاثر ڪيو. هو نه فقط تلوار جا بادشاهه هئا، پر فڪر، حڪمت ۽ دانائيءَ ۽ روحانيت جا به امام ۽ مرڪز هئا.سندن زندگي جو هر باب سچائي، قرباني ۽ عدل جو هڪ مثال آهي. سندن شخصيت جو مطالعو مون لاءِ نه فقط تاريخي تحقيق هئي، پر اها منهنجي سوچ ۽ منهنجي وجود جي سڃاڻپ جو به حصو بڻجي وئي. اڄ به، جيڪڏهن ڪنهن کي بهادري، عقل، ۽ تقوى جو مڪمل نمونو ڏسڻو آهي، ته حضرت علي عليه السلام جي زندگي کان بهتر مثال ٻيو ڪو نه آهي.

ڇو ته جنھن ھستي جي ولادت ڪعبت الله شريف ٿي  ھجي ۽ شھادت مسجد ۾ ٿي ھجي جنھن جو ھر قدم خدا ڪارڻ ھجي ان جي مڪمل عظمت ڪو به لکاري لکي نه ٿو سگھي. ڪوبه ڳالھائڻ وارؤ مڪمل بيان نه ٿو ڪري سگھي انڪري منھنجو قلم به قاصر آھي بس پنھنجي محبتن ۽ عقيدتن جي آڌار تي دنيا جي  هن عظيم ترين ھستي حضرت علي عليه السلام جي حيات طيبه جو روح پيش ڪرڻ جي جسارت ڪئي اٿم.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.