اوٽاوا (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته منشيات الزامن ھيٺ چين ۾ ان جي 4 شهرين کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.
ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جولي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سزا ڀوڳندڙ چارئي ڄڻا ٻٽي شهريت رکندڙ هئا، پر سندن سڃاڻپ وارثن جي درخواست تي ظاهر نه پئي ڪئي وڃي.
ميلاني جولي انڪشاف ڪيو ته هن ذاتي طور تي چين کان نرمي جي درخواست ڪئي هئي، پر ان باوجود کين موت جي سزا ڏني وئي.
هن موت جي سزائن جي مذمت ڪندي ان کي برداشت نہ ڪرڻ جوڳو نقصان ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو.
ٻئي پاسي ڪئناڊا ۾ چيني سفارتخاني جي ترجمان بيان ڏنو ته ڪئناڊا جي شهرين تي مڙھيل الزامن جا ثبوت پختا ۽ قبول ڪرڻ جوڳا آهن.
هن ڪئناڊا تي زور ڏنو ته هو غير ذميوار بيان ڏيڻ بند ڪري ۽ چين جي عدالتي خودمختياري جو احترام ڪري.
واضح رهي ته چين ٻٽي شهريت کي قبول نٿو ڪري ۽ منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن تي سخت پاليسي اختيار ڪندو آهي.
You might also like