بلوچ شاگردن جو احتجاج، انتظاميا جو آن لائين ڪلاس وٺڻ واري فيصلي تي يوٽرن

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي ٽن يونيورسٽين سيڪيورٽي سبب فزيڪل ڪلاس ختم ڪري آن لائين ڪلاس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر شاگردن جي مخالفت سبب انتظاميا کي هڪ ڏينهن اندر اهو فيصلو واپس وٺڻو پئجي ويو.
بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ غير معياري انٽرنيٽ سبب شاگردن کي آن لائين ڪلاس وٺڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن ته شاگرد تنظيمن پڻ ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪئي.
جن يونيورسٽين آن لائين ڪلاس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، تن ۾ بلوچستان يونيورسٽي، سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي ۽ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ مينيجمينٽ سائنسز شامل هيون.
يونيورسٽين جي انتظامي عملدارن موجب، سيڪيورٽي خدشن سبب فزيڪل ڪلاس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ۽ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ان بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته شاگردن ۽ عملي جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي اهو قدم کنيو ويو.
ان فيصلي تحت يونيورسٽي ٽرانسپورٽ جي سهولت به ايندڙ حڪم تائين معطل ڪئي وئي هئي ۽ فزيڪل ڪلاس عيد الفطر کانپوءِ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.
انتظاميا جي اھڙي فيصلي خلاف بلوچ شاگرد تنظيمن طرفان سخت ردعمل سامهون آيو.
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي چيئرمين بالاچ قادر بلوچ پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن وفد يونيورسٽي آف بلوچستان جي رجسٽرار سان ملاقات ڪري انتظاميا کي فيصلي کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.
هن ٻڌايو ته بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت ناهي ۽ انهن علائقن جا شاگرد آن لائين ڪلاس وٺڻ لاءِ ٻين شهرن ۾ وڃڻ تي مجبور آھن، جيڪو غير عملي قدم هو.
شاگرد تنظيمن جي دٻاءَ سبب انتظاميا کي 18 مارچ تي جاري ڪيل آن لائين ڪلاسز جي نوٽيفڪيشن کي هڪ ڏينهن اندر واپس وٺڻو پيو.
يونيورسٽي آف بلوچستان ۽ بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جاري ڪيل بيانن ۾ چيو ويو ته شاگردن جي مطالبن ۽ انٽرنيٽ جي مسئلن سبب آن لائين ڪلاسز جو فيصلو واپس ورتو پيو وڃي ۽ 20 مارچ کان فزيڪل ڪلاس ٻيهر شروع ڪيا ويندا .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.