هاڻي واٽس ايپ پيغامن لاءِ فيس اوڳاڙي ويندي؟

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ واٽس ايپ اسپام ميسجز جي روڪٿام لاءِ اهم قدم کڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
واٽس ايپ موجب، انفرادي واهپيدارن ۽ ڪاروباري ادارن طرفان ڪيل براڊ ڪاسٽ ميسجز جو انگ محدود ڪيو پيو وڃي ته جيئن ايپ ۾ اسپام پيغامن جي روڪٿام ڪري سگهجي.
ايندڙ ڪجهه هفتن دوران ڪمپني طرفان انفرادي واهپيدارن لاءِ براڊ ڪاسٽ ميسجز جو انگ محدود ڪرڻ جي آزمائش شروع ڪئي ويندي.
واٽس ايپ طرفان اهڙن براڊڪاسٽ ميسجز جي ماهوار انگ جو تعين ڪيو ويندو، مثال طور ميٽا هر مهيني 30 براڊ ڪاسٽ ميسجز جي اجازت ڏني ويندي.
ميٽا موجب، واهپيدار جيڪڏهن وڌيڪ ميسجز گهڻن ماڻهن تائين اُماڻڻ چاهين ٿا ته هو اسٽيٽس اَپ ڊيٽس يا چئنلز جو استعمال ڪري سگهن ٿا.
ڪمپني طرفان اهڙي قسم جا قدم بزنس اڪائونٽس لاءِ به کڻڻ بابت غور ويچار ڪيو پيو وڃي.
في الحال واٽس ايپ بزنس اڪائونٽس لامحدود انگ براڊ ڪاسٽ ميسجز مفت موڪلي سگهن ٿا پر ڪمپني طرفان مستقبل ۾ ڪجهه اضافي ٽولز سان پيڊ ورزن متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ايندڙ مهينن ۾ ميٽا طرفان پراڊڪٽس اپ ڊيٽس لاءِ نئين ڪسٽمائيز براڊ ڪاسٽ ميسجز جي ٽيسٽنگ ڪئي ويندي جڏهن ته ڪاروباري اڪائونٽس استعمال ڪندڙ واهپيدار مسيجز کي شيڊيول به ڪري سگهندا.
آزمائيشي دورايني دوران ڪاروباري ادارا 250 ميسجز مفت سينڊ ڪري سگهندا ۽ ان کانپوءِ کين واڌو پيغامن لاءِ فيس ادا ڪرڻي پوندي.
گذريل ڪجهه سالن دوران واٽس ايپ بزنس ايپ ميٽا لاءِ هڪ اثاثو بڻجي چڪي آهي ۽ آمدني ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي.
براڊ ڪاسٽ پيغامن ۾ ڦيرڦار سان گڏوگڏ ڪمپني طرفان واٽس ايپ لاءِ لوگو پڻ تبديل ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.